بجلي واهپيدارن لاءِ ونٽر پيڪيج جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم طرفان بجلي واهپيدارن لاءِ اعلانيل ونٽر پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جي پڌرائي موجب حڪومت آءِ ايم ايف کان اڳ ئي ونٽر پيڪيج تحت رليف جي منظوري وٺي چڪي آهي، جنهن تحت بجلي جي واڌو استعمال تي 26 رپيا 7 پئسا في يونٽ فليٽ ريٽ وصول ڪيو ويندو، جڏهن ته اهو ڊسمبر 2024 کان فيبروري 2025 تائين هوندو.
ونٽر پيڪيج سان 200 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ صنعتي، گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.