علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اي ٽي سي عدالت جي جج منظر علي گل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت مناوان ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف ڪاهنه جلسي دوران گاڏين جا شيشا ڀڃڻ تي پوليس سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.