اسڪول ۾ سهولتن بابت ڪيس ۾ تعليم ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪول ۾ سهولتون نه هجڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ پبلڪ هيلٿ جي سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري  جواب طلب ڪري ورتو. ڳوٺ دين محمد ٺٽو جي اسڪول ۾ ڇت ۽ واش روم سميت سهولتون نه هجڻ بابت درخواست گذار احمد حسين جوکيو چيو ته اسڪول جي حالت خراب آهي، اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا.

  1. بحريا ٽائون کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي درخواست خارج

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ بحريا ٽائون کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ بحريا ٽائون کي بليڪ لسٽ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ بحريا ٽائون جي درخواست پيروي نه ٿيڻ تي خارج ڪري ڇڏي، درخواستگذار محمود اختر طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي، پر عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.