مريم نواز ملڪي تاريخ جي پهرئين چيف منسٽر ڊائلاسز پروگرام ڪارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيف منسٽر ڊائلاسز پروگرام ڪارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هيلٿ پروگرام ۽ پراجيڪٽس تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
وزيراعليٰ ملڪي تاريخ جي پهرئين چيف منسٽر ڊائلاسز پروگرام ڪارڊ جي منظوري ڏيندي ڊائلاسز جي مريض جي علاج لاءِ فنڊ 10 لک رپين تائين وڌائي ڇڏيو، گردي جي مرض ۾ مبتلا هر مريض لاءِ ساڍا 8 لک ڊائلاسز ۽ ڏيڍ لک ٽيسٽ لاءِ رکيا ويا آهن.
ان کانسواءِ مريم نواز ڊائلاسز مريضن لاءِ مفت دوائون، ٽيسٽ يقيني بڻائڻ ۽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي ڊائلاسز سينٽر ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ پنجاب ۾ وڌيڪ ڊائلاسز يونٽ قائم ڪرڻ تي به اصولي اتفاق ڪيو ويو ۽ مريم نواز پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي صوبي ۾ ڊائلاسز سينٽرن جي سخت نگراني جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.