فيض حميد ڪيس عمران خان لاءِ تلوار بڻيل، نه مڃيو ته فيصلو ايندو

اسلام آباد (ابصار عالم) نجي ٽي وي جي ڊجيٽل پليٽ فارم تي پروگرام ۾ ڳالهائيندي تجزئي ڪار ابصار عالم چيو ته عمران خان ۽ سندس ڀينرن کانسواءِ ٻيا اڳواڻ نه پيا چاهين ته هو احتجاج لاءِ اسلام آباد وڃن، اهي چاهين ٿا ته مفاهمت ٿئي. هاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 24 نومبر وارو احتجاج ملتوي ٿي وڃي پر عمران خان جي ڀيڻ نه پئي مڃي، ڇو ته مٿس ڪيس آهن ۽ هو سمجهي ٿي ته ان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو. عمران خان خلاف جنرل فيض جو مضبوط ڪيس آهي، عمران خان ۽ سندس ڊيل تي اها تلوار لٽڪيل آهي. ان ڪيس جو فيصلو ان ڪري نه پيو اچي ته جيڪڏهن عمران خان مفاهمت تي راضي نٿو ٿئي ته ان جو فيصلو ٿي سگهي ٿو. امڪان آهي ته ڊسمبر جي شروعات ۾ ڪيس جو فيصلو ٿي وڃي. فيصلي کانپوءِ عمران خان کي ملٽري ڪورٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو. ان جي ڪري جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 25 نومبر ڏني وئي ۽ پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي. عمران خان فيض حميد ڪيس جو فيصلو اچڻ کان اڳ طاقت ڏيکارڻ چاهي ٿو. حڪومت به ڏسڻ چاهي ٿي ته عمران خان ڪيترا ماڻهو ڪڍي سگهي ٿو ۽ ڇا ڪري سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 19 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.