اسلام آباد(عمران شفقت) وي پي اين جي حوالي سان ميجر جنرل ريٽائرڊ حفيظ الرحمان پارليامينٽ ۾ بريفنگ ڏيندي چيو آھي تھ وي پي اين کان سواءِ ڪم نھ ٿو ھلي سگھي لکين ڪروڙين ڊالرن جي انڊسٽري ويھجي ويندي ڪال سينٽر ۽ آئي ٽي سيڪٽر ويھجيويندو. تنھن ڪري وي پي اين کي بند تھ ناھي ڪيو پر انھن جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آھي. ٻئي پاسي جڏھن ساڻن رابطو ڪيو وڃي ٿو تھ ڪوئي فون کڻڻ لاءِ تيار ئي ناھي نھ وري پي ٽي اي جي ويب سائٽ تي ڪا معلومات ڏنل آھي. ھاڻي فائر وال ھنن ان جي ڪري لڳائي تھ پاڪستانين جي مٿي ۾ جيڪو عمران خان جھڙي مصيبت ھنئي وئي ھئي اھا مصيبت واپس ھنن جي ڳچي ۾ پئجي وئي آھي. فائر وال سوشل ميڊيا کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ لڳائي وئي آھي.ھڪ اھم خبر اھا بھ آئي آھي تھ جنرل عام منير کي پنھنجي ئي ٻن کاتن پاران ھڪ معاملي تي غلط رپورٽ ڏني وئي آھي. آرمي چيف ٽئين رپورٽ آءِ بي کان بھ گھرائي ھئي ۽ آءِ بي زميني حالتن جي مطابق حقيقتن واري رپورٽ ڏني ۽ پوءِ جيڪي بھ قدم کنيا ويا اھي آءِ بي جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيا ويا. ان جي ڪري ھي جيڪو ڪجهھ ٿي رھيو آھي اھو پاڪستاني حڪومت فوج، کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي. ان جي ڪري جيڪو ڪجهھ ڪرڻو آھي اھو سمورو ڪجهھ پارليامينٽ جي منظوري سان ڪيو وڃي آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ڪيو وڃي. وي پي اين ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو پاڻ ۾ ڪھڙو تعلق آھي؟ ھاڻي اھو نو ستارن وارو زمانو ناھي جو نعرو لڳائي ماڻھن کي ڀڙڪائجي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 19 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو