لاهور (امداد سومرو) عمران خان جي جنرل عاصم منير کي 10 منٽ ملاقات لاءِ منٿ ميڙ جاري آھي تھ ٻئي پاسي عليمھ خان کي ڪراس ڪندي بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي سياست کي قابو ڪرڻ ۾ رڌل آھي.بشريٰ بي بي جي سياست ۾ سرگرمي کان پوءِ ملاقات لاءِ ايندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مڪمل تلاشي ورتي وڃي ٿي ايستائين جو سندن جوراب بھ لاٿا وڃن ٿا ، موبائيلون کسيون وڃن ٿيون. سندن پين ۽ قميص جا بٽڻ بھ چيڪ ڪيا وڃن ٿا تھ ڪٿي انھن شين ۾ ڪي ڳجهيون ڪئميرائون تھ ناھن لڳل؟ ٻئي پاسي خيبر پختونخوا جا ڏھ سينيئر اڳواڻ بھ انھن اجلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڪيٻائي رھيا آهن جن کي بار بار چيو وڃي ٿو پر ٽڪراءُ واري سياست کي ڏسندي اھي شريڪ ٿيڻ کان ڊنل آھن،ٻئي پاسي علي امين گنڊاپور پنھنجي صوبي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ ھر اجلا س ۾ آرمي چيف سامھون صرف عمران خان جي آزادي جو معاملو اٿاري ٿو ۽ عمران خان جي ميڙ منٿن کي پھچائي ٿو. جيتوڻيڪ ڪي پي ڪي جي صورتحال انتھائي خراب آھي ۽ دھشتگرد واقعن ۾ اضافو ٿيو آھي ان باوجود ھن جو ان پاسي ڪو بھ ڌيان ناھي. ھاڻي عمران خان پنھنجي درخواست گنڊاپور وسيلي آرمي چيف تائين پھچائي رھيوآھي تھ مون کي صرف ھڪ موقعو ڏيو .