شريف خاندان جي ڪاروبار جو ڀٽو دور ۾ ڏيوالو نڪتو:ترجمان

لنڊن (م ڊ) برطانوي عدالت طرفان حسن نواز جي ڪمپني کي ڏيوالو نڪتل قرار ڏيڻ واري خبر تي شريف خاندان جي ترجمان چيو آهي ته ڏيوالي جو عمل 1972ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ذوالفقار ڀٽو صنعتن کي نيشنلائيز ڪيو، متاثرن ۾ شريف خاندان به شامل هو، ان بعد پرويز مشرف شريف خاندان جون فيڪٽريون سيل ڪيون، گهرن تي قبضا ڪيا، ثاقب نثار جي دور ۾ به شريف خاندان جون صنعتون تباهه ڪيون ويون، شريف خاندان جو ڪاروبار 4 ڀيرا ڏيوالي جو شڪار ٿي چڪو آهي، ڏيوالي دوران ٽيڪس ادا ناهي ڪيو ويندو، برطانوي عدالت حسن نواز جي ان موقف کي درست قرار ڏنو آهي، ترجمان چيو ته شريف خاندان لاءِ اهڙا اٿل پٿل ڪا نئين ڳالهه ناهي، ملڪ ۽ قوم جي خاطر شريف خاندان سالن کان نجي ڪاروبار جو نقصان برداشت ڪيو آهي. ٻئي  پاسي پ پ اڳواڻ نديم افضل چن شريف خاندان جو ڏيوالونڪرڻ تي ڀٽو دور کي بحث هيٺ آڻڻ درست ناهي،توهان برطانيا ۾ ڏيوالو ٿي رهيا آهيو،ڀٽو دور وچ ۾ ڪٿي اچي ويو؟شريف حقيقت ٻڌائن ته برطانيا ۾ٽيڪس نه ادا ڪرڻو پوي،ان ڪري پاڻ کي ڏيوالو ظاهر ڪري ڇڏيو،هن چيو ته شريفن جا جيڪي ڪرتوت هتي آهن ٻاهر به ساڳيا آهن،ڪجهه ته شرم ڪريو،اسان کي قيادت نه روڪي ته سڄو ڪچو چٺو کولي رکي ڇڏينداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.