وي پي اين بندش تي ڳڻتي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل مذهب جو تماشو پئي بڻائي\اسٽينڊنگ ڪميٽي

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اين) جي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ کي مذهب جو تماشو قرار ڏنو آهي، ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن پلوشه خان جي صدارت هيٺ ٿيو، پي ٽي اي چيئرمين انڪشاف ڪيو ته آءِ ٽي انڊسٽري وي پي اين کانسواءِ نٿي هلي سگهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ هڪ ڏينهن به بند رهي ته ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو، 10 لک کان وڌيڪ فري لانسر وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو وي پي اين رجسٽرڊ ڪرائي ته ان جي انٽرنيٽ جي بند ٿيڻ سان ڪاروبار متاثر نه ٿيندو،اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه ۽ وفاقي سيڪريٽري آءِ ٽي جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪميٽي چيئرپرسن پلوشه خان معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سينيٽر پلوشا خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۾ خلل سبب عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، نوجوان نسل جو روزگار انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي، اسان جنهن ڏينهن وزارت کان جواب گهرندا آهيون ته ان جو جواب سامهون اهو هوندو آهي ته وزير صاحبه مصروف آهي، اسان هاڻي اها سموري صورتحال وزيراعظم جي سامهون رکنداسين، اجلاس ۾ اڻ رجسٽرڊ وي پي اينز جي بندش تي بحث ڪندي سينيٽر افنان الله چيو ته گهرو وزارت غير قانوني وي پي اينز جي بندش لاءِ پي ٽي اي کي خط لکيو آهي، اهو مينڊيٽ ته آءِ ٽي وزارت جو آهي، پي ٽي اي چيئرمين ان معاملي تي روشني وجهي، ماڻهن جو ڪاروبار ان سان جڙيل آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان وي پي اين کي غير شرعي قرار ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو، چيئرمين چيو ته هو مذهب جو تماشو ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن وي پي اين کي بند ڪرڻو آهي ته آن ڪيميرا بريفنگ ڏيو، پي ٽي اي چيئرمين بريفنگ ڏيندي چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري وي پي اين جي استعمال کانسواءِ نٿي هلي سگهي، فري لانسرز کي وي پي اينز جي ضرورت آهي، وي پي اينز جي رجسٽريشن جو عمل 2016ع کان شروع ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو وي پي اين رجسٽرڊ ڪندو ته انٽرنيٽ بند ٿيڻ سان ان جو ڪاروبار متاثر نه ٿيندو، هر فري لانسر کي وي پي اين جي ضرورت ناهي، ڳجهو ڪم ڪندڙ ان کي استعمال ڪندا آهن، هن وقت تائين پي ٽي اي هزارين وي پي اينز رجسٽرڊ ڪيا آهن، هن چيو ته هو وي پي اين کي رجسٽر ڪري رهيا آهن، هن وقت پاڪستان ۾ 27 ٽاپ وي پي اينز آهن، هن وقت پاڪستان ۾ وي پي اين ذريعي جيڪو وڻي اهو ڏسي وٺو، غير اخلاقي ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ عالمن کان مدد گهري هئي، ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) پاڪستان ۾ فيبروري 2024 کان وٺي بلاڪ آهي. ان موقعي تي آءِ ٽي وزارت جي قانوني ميمبر واضح ڪيو ته وي پي اينز سوشل ميڊيا نه آهن پر ان جي ذريعي سوشل ميڊيا تائين رسائي ممڪن آهي، وي پي اين غيراخلاقي مواد ۾ نه ٿو اچي، جيڪڏهن ماڻهو ان ذريعي غيراخلاقي مواد ڏسن ٿا ته ان کي بلاڪ ڪيو وڃي، پيڪا ايڪٽ ۾ ڪٿي به وي پي اين جو لفظ استعمال ناهي ڪيو ويو، سينيٽر افنان الله چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي وڌيڪ گند اچي رهيو آهي، ٽڪ ٽاڪ تي ايل جي بي ٽي مواد اچي رهيو آهي، مينڊيٽ سوشل ميڊيا ۽ غير اخلاقي مواد جو آهي ته جيڪڏهن ان کان اڳتي وڌيو ته غير قانوني آهي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن کان انٽرنيٽ بلاڪ آهي، ڇا اتي سڀ ماڻهو هڪ ئي غلط ڪم ڪري رهيا هئا، آءِ ٽي وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ هڪ ڏينهن بند ٿيڻ سان ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو، 10 لک کان وڌيڪ فري لانسر وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، ڪميٽي گهرو وزارت کان جواب طلب ڪيو، ان موقعي تي جي آءِ ٽي واري وزارت جي عملدارن چيو ته گهرو وزارت اجلاس ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا هئا، اسان چيو ته وي پي اين کي فوري طور بند ڪنداسين ته مقصد حاصل نه ٿيندو، پاڪستان ۾ 2 کان اڍائي ملين ماڻهو فري لانسنگ استعمال ڪري رهيا آهن، هڪ فري لانسر لڳ ڀڳ 400 ڊالر ساليانو ڪمائي ٿو، ان جو مختلف ڪيٽيگريز آهن، 30 نومبر کان اڳ ٻيهر ڪميٽي جو اجلاس ڪوٺايو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.