اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي اڻ رجسٽرڊ وي پي اينز کي رجسٽريشن لاءِ وڌيڪ 2 هفتا مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب اڻ رجسٽرڊ وي پي اينز کي 30 نومبر تائين مهلت ڏني ويندي. اڻ رجسٽرڊ وي پي اينز خلاف ڪريڪ ڊائون پهرين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو. ذريعن موجب وي پي اين جي بندش بابت هڪ آزمائش پوري ٿي وئي، ٻي جلد شروع ڪئي ويندي، اڻ رجسٽرڊ وي پي اين سيڪيورٽي رسڪ آهن، حساس ڄاڻ تائين رسائي حاصل ڪري سگهبي آهي.