سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف سنڌو درياهه بچاءُ ڪاميٽي جي سڏ تي ٽيون ڏينهن 17 نومبر تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي جنهن ۾ سڀني قوم پرست جماعتن، ڪميونسٽ پارٽي، هاري ڪاميٽي، ڊي ايس ايف، عوامي ورڪرس پارٽي، حقوق خلق پارٽي، فشرفوڪ، سنڌي ادبي سنگت ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن حصو ورتو ۽ وفاقي حڪومت کي پنهنجي احتجاج سان سنڌو مٿان ڇهن ڪئنالن واري منصوبي خلاف ريفرينڊم ڏئي ڇڏيو آهي پر اسان اڄ خاص ڪري سنڌياڻي تحريڪ کي ڪراچي ۾ ڪيل تاريخي مارچ تي خراج پيش ڪيون ڪنداسين.
رپورٽن موجب سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪراچي جي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين عورتن، مردن، ٻارڙن، نوجوانن، هارين، مزدورن، اديبن، دانشورن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي اها مارچ ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو جلسي ۾ تبديل ٿي وئي. جلسي ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ دشمن فيصلن سان وفاق کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي.
سنڌياڻي تحريڪ جو جڏهن به ذڪر نڪرندو آهي ته رسول بخش پليجو ذهن تي تري ايندو آهي جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان سنڌ جي سياست ۾ وڌ کان وڌ عورتن کي شامل ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي. سندن چوڻ هوندو هو ته جيستائين سنڌ جي ٻي عورتن تي ٻڌل اڌ آبادي سياست ۾ حصو نه وٺندي تيستائين سنڌ ۾ ڪا به سياسي جماعت گهربل مقصد ماڻي نه سگهندي نه ئي اها فيصلائتي جدوجهد ڪري سگهندي. اڄ رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو جي سنڌياڻي تحريڪ فيصلائتي جدوجهد جو باقاعدي حصو بڻجي چُڪي آهي جنهن جو ٽيون ڏينهن زبردست نماءُ به ڪيو ويو آهي.
سو چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ڏينهن جيڪو سنڌو درياهه مٿان ڇهن ڪئنالن واري منصوبي خلاف احتجاج ٿيو آهي سو مڪمل احتجاج هو جنهن ۾ مردن سان گڏ سنڌ جي نياڻين به وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي ان احتجاج جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ فيميلز کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي يعني ٻارين ٻچين سنڌ جي زندگي ۽ موت جهڙي مسئلي لاءِ نڪرڻ جو چيو ويو هو جيڪو عمل سٺو سنوڻ ثابت ٿيو.
ان کان اڳ ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف سنڌ رواداري مارچ جي به سنڌو گهانگهرو، عاليه بخشل ٿلهو ، رمسا جامي چانڊيو، امر سنڌو، بختارو ڄام، فوزيه سنگهار وغيره اڳواڻي ڪري واضح ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي سنڌ جي مزاحمتي تحريڪن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ سنڌ جون باشعور ۽ بهادر عورتون مڪمل طور تي تيار ٿي چُڪيون آهن. سوچ جي ان تبديلي ۾ يقيني طور تي ترقي پسند شعور جو عمل دخل آهي پر ان ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي پس منظر کي پهريون عملي قدم قرار ڏنو ويندو. ايئن رسول بخش پليجو صاحب جي عوامي تحريڪ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته ان پاڻي جي مسئلي تي سڀ کان گهڻيون تحريڪون هلايون ۽ لانگ مارچ ڪيا ۽ ان جدوجهد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو پڻ يادگار حصو رهيو آهي. پاِڻي جي مسئلي ۽ڪالاباغ ڊيم خلاف رسول بخش پيليجي جي ڳواڻي ۾ جيڪي لانگ مارچ ٿيندا هيا تنهن ۾ سڀ کان آڏو سنڌياڻي تحريڪ جون ۽ اسان جي سنڌ جون نياڻيون هونديون هيون ۽ اهي ئي پر جوش نعرن سان سنڌي عوام اندر جوش ۽ ولولو پيدا ڪنديون هيون.
ٽيون ڏينهن به سنڌياڻي تحريڪ جي نياڻين ئي پنهنجي طاقت ور ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرن سان وفاق کي چتاءُ ڏينديون رهيون ته : سنڌ جي ٿيندي ريگستان، ڪيئن هلندو پاڪستان، ڳوٺ جي ويران ٿيندا ته ڪيئن هلندو پاڪستان“ يا پاڻي تي تو سان جهيڙو آهي جهڙا سنڌ جي مالڪي جا نعرا هنيا.عورتن جي ان سياسي سجاڳي ۽ سياسي تحريڪن جي اڳواڻي ڪرڻ واري اڳڀرائي حقيقي معنيٰ ۾ اهو اعلان آهي ته سنڌ هاڻي مڪمل طور تي تبديل ٿي وئي آهي ۽ فيصلائتي جدوجهد ۾ شامل ٿي چُڪي آهي.
پاڻي جو مسئلو ته اونئن ئي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي تنهن تي سنڌ جون سڀ سياسي جماعتون نظرياتي اختلافن باوجود متحد آهن. اوهان ڀلي سنڌي عوام ۽ سنڌ جي سياسي جماعتن کي ويڙهايو. اختلاف پيدا ڪريو پر سنڌ جي جاگرافيائي وجود، پاڻي، ڪالاباغ ڊيم يا سنڌو درياهه تي ڪنهن به ڌاڙي خلاف اهي سڀ هڪ ٿي ويندا آهن اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ دشمنن جون سنڌ ۽ سنڌي عوام خلاف سازشون ڪامياب ناهن ٿي سگهنديون. سنڌي عوام ۽ سنڌ جي سياسي جماعتن کي پنهنجي طاقت تحت جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۽ سنڌي قوم کي تاريخ جي هر دور ۾ ڌارين جي يلغار ۽ قبضا گيري جو چيئلنج رهيو آهي.
پر هاڻي سنڌي قوم کي پنهنجي طاقت جو اندازو ٿي چُڪو آهي ته سازش جو مڪمل اتحاد سان ئي مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ۽ هاڻي ان طاقت ۾ سنڌ جي باشعور ۽ بهادر عورتن جو به اضافو ٿي ويو آهي جنهن سنڌي قوم جي طاقت کي ٻيڻو، ٽيڻو ۽ چئوڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جو جيڪو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ان جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو آهي تنهن تي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي مبارڪ ڏجي ٿي.
اسان کي سنڌ جي باشعور، بهادر ۽ غيرت مند نياڻين تي فخر آهي جن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي ۽ سنڌي قوم سان گڏجي قدم کڻي وفاق کي ٻڌايو آهي ته پاڻي جي اشو تي اسان نه رڳو سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نڪتيون آهيون پر اوهان تي به واضح ڪيون ٿا ته اوهان جون سنڌ دشمن سازشون رڳو سنڌ نه پر وفاق جي سلامتي تي به وار آهن تنهن ڪري هوش مان ڪم وٺو ۽ سنڌ جي دشمني ۾ وفاق کي ڪمزور نه ڪيو. جمهوريت جي ته تقاضا اها آهي به ڇهن ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ جي احتجاج کي ريفرينڊم سمجهيو وڃي ۽ ان کي قبول ڪندي تڪراري منصوبي تان هٿ کنيو وڃِي.