خوش رهڻ چاهيو ٿا ته شادي ڪيو: نئين تحقيق

شادي جو هڪ ٻيو وڏو فائدو سامهون اچي ويو، ماهرن موجب شادي شدا جوڙا ڪنورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوش هوندا آهن.
اها ڳالهه Evolutionary Psychological Science ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي، جنهن ۾ 12 ملڪن سان واسطو رکندڙ 6338 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته شادي سان ماڻهن جي شخصيت تي ڪهڙا اثر پوندا آهن، ان مقصد لاءِ شادي جي تعلق ۽ جذباتي صحت وچ ۾ تعلق جو تجزيو ڪيو ويو.
نتيجا جاچڻ کانپوءِ محققن چيو ته شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کانپوءِ ماڻهن ۾ هاڪاري جذبن جي سطح ۾ واڌ ٿيندي آهي ۽ زندگي تي اطمينان وڌي ويندو آهي.
هنن چيو ته ڪنوارن جي ڀيٽ ۾ شادي شدا ماڻهن ۾ خوشي جو احساس وڌيڪ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.