ڇا مڱيرا کائڻ کانپوءِ پاڻي پيئڻ گهرجي؟ ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ مڱيرا کائڻ سڀني کي پسند هوندو آهي پر ڇا اوهان به پاڻي پيئڻ جي غلطي ڪندا آهيو؟

مڱيرا کائڻ کانپوءِ پاڻي نه پيئڻ گهرجي، ڇو ته ڳلي ۾ خرابي ٿي سگهي ٿي.

اها عام ڳالهه آهي جيڪا اسان سڀ ننڍپڻ کان وڏڙن وٽان ٻڌندا رهندا آهيون پر ان بابت سائنسي حوالي سان ڄاڻينداسين.

رپورٽ موجب مڱيرن جي تاثير گرم هوندي آهي ۽ ان کي کائڻ بعس جسم ۾ حرارت ۽ گرمي ٿيڻ لڳندي آهي، جنهن سبب اڃ جو احساس ٿيندو آهي، ان لاءِ گهڻا ماڻهو پاڻي پيئندا آهن پر اهو غلط آهي، ڇو ته مڱيرا کائڻ بعد پاڻي نه پيئڻ گهرجي، ان سان کنگهه سميت ٻيا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.