پي ٽي آءِ ۾ اختلاف تيز، 4 اهم اڳواڻن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا، پي ٽي آءِ پشاور جي 4 عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. تحريڪ انصاف پشاور جي تنظيمي اختلافن سبب پي ٽي آءِ پشاور سٽي جي جنرل سيڪريٽري، 2 سينيئر نائب صدر ۽ هڪ نائب صدر پنهنجي پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پي ٽي آءِ ضلعي پشاور جي صدر عهديدارن جون استعيفائون منظور ڪندي نون عهديدارن جي مقرري جو پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته رحمان جلال کي پي ٽي آءِ پشاور تعلقي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. فقير محمد ۽ رفيع الله کي سينيئر نائب صدر ۽ نائڪ محمد کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.