اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان طرفان ڪارڪنن لاءِ 24 نومبر تي احتجاج جي حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا طرفان جاري ڪيل عمران خان جي هدايتن موجب 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن فيصلو ٿيندو ته ڪير پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير نه رهندو. بيان موجب قافلن سان روڊن تي نڪرو، فون تي تفصيلي وڊيوز ٺاهيو جن ۾ رڳو گاڏيون نه پر عوام به رڪارڊ ڪريو.