پشاور (م ڊ) جمعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ تيزي سان قانون سازي ڪئي پئي وڃي، اهڙا بل آندا پيا وڃن جيڪي قانون جي ضمري ۾ اچن ٿا ۽ انهن کي منظور ڪيو پيو وڃي، آئيني ترميم جي روح جي ابتڙ وڃڻ مذمت جوڳو آهي، حڪومت کي ان تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. بلور هائوس پشاور ۾ اڳوڻي سينيٽر الياس بلور جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبي ۾ سيڪيورٽي معاملا خراب آهن، اهو معاملو اڄ جو نه پر گذريل 15 سالن جو آهي. ٻئي پاسي بلوچستان ۾ به ساڳي صورتحال آهي، حڪومتي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي، حڪومتون عوام جي حفاظت تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي سياست تي توانائي خرچ ڪري رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم مان بنيادي انساني حقن بابت شق نمبر 8 ڪڍڻ ان کانپوءِ شق جي بنياد تي ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ سان هاڻي هر پاڪستاني پيدائشي طور شڪي ٿي ويو آهي، اهي شيون بنيادي انساني حقن جي خلاف آهن.