سيالڪوٽ (م ڊ) سيالڪوٽ ۾ سس هٿان قتل ٿيل ننهن جي ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي. جوابدار عورت صغران جي ٻي ڌيءَ صبا ۽ سندس پٽ قاسم کي به حراست ۾ ورتو ويو. پوليس موجب مقتولا زارا جي اغوا جي ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ قلم به شامل ڪيا ويا، ڪيس ۾ قتل جي نيت سان اغوا، قتل جي ٻين قلمن جي واڌ ڪئي وئي. پوليس دعويٰ ڪئي ته جوابدار صغران اعتراف ڪيو ته هن حسد ۽ نفرت ۾ ننهن کي قتل ڪيو، ننهن تي لڳايل ڪردارڪشي جا الزام ڪوڙا هئا. صغران چيو ته مون کان غلطي ٿي وئي، سڀ منهنجو ڏوهه آهي، منهنجي ڌيءَ، ڏوهٽو ۽ ٻيا مائٽ به منهنجي ڪري مصيبت ۾ ڦاٿا آهن. ٻئي پاسي جوابدار ويد کي هڪ ڏينهن جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.