اتر غزا ۾ رهائشي عمارتن تي اسرائيلي بمباري ۾ 96 فلسطيني شهيد

غزا /بيروت (م ڊ) اتر غزا ۾ رهائشي عمارتن تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 96 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ادارن کي حادثي واري هنڌ تائين به رسائي نه ملي، ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻجي ويا، شهادتن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو. اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 43 هزار 846 ٿي ويو، هڪ لک 3 هزار 740 زخمي ٿي چڪا آهن. اسرائيلي فوج لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ فضائي بمباري ڪندي حزب الله جي ترجمان محمد عفيف کي شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل بيروت ۾ راس البنع تي فضائي حملا ڪيا جن ۾ حزب الله جو ميڊيا رليشنز آفيسر محمد عفيف شهيد ٿي ويو. اسرائيل پاران گذريل 24 ڪلاڪن ۾ لبنان تي 145 حملا ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.