اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق هڪ ولاگر کي انٽرويو ڏيندي چيو ته مشرف جي دور ۾ اسان کي ڏاڍو ماريو ويو هو، فزيڪل ٽارچر ڪيو ويو هو. هن ٻڌايو ته ميجر جنرل نديم اعجاز خبر ناهي هاڻي جيئرو آهي يا ناهي پر سندس فيملي کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو ڪيڏو خراب ماڻهو هو. ان اڪبر بگٽي کي قتل ڪرائڻ ۾ ۽ مشرف سان وڙهائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ان مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن تي تشدد ڪرايو. هي جنرل مشرف جو مائيٽ هو ۽ هن پرويز رشيد تي به ٽارچر ڪرايو هو، اسان کي ايترو ماريو ويو جو جسم ڪارو ٿي ويو هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن مان جيل ۾ قيد هيس ته منهنجي ماءُ اسپتال ۾ داخل هئي ۽ ساڻس ملڻ لاءِ مون کي پيرول تي ڇڏيو ويو هو، جڏهن مان ماءُ سان ملڻ ويس ته هوءَ ڪاما ۾ وڃي چڪي هئي ۽ 4 ڏينهن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي، منهنجي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي هئي، اهڙي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو. هن چيو ته منهنجو سياسي ڪارڪنن کي پيغام آهي ته ڪنهن هڪ جي غلطي تي اداري يا پارٽي کي نشانو نٿو بڻائي سگهجي، نفرت کي وساري ملڪي مفاد ۾ اڳتي وڌڻو پوندو آهي.