مارچ ۾ بخشل ٿلهو،شيما ڪرماڻي،عائشه ڌاريجو،مسعود نوراني شريڪ

ڪراچي:عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ رفعت، نامياري آرٽسٽ شيما ڪرماڻي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن عائشه ڌاريجو،شيرين زئور، فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ فاطمه، ناليواري قانوندان مسعود نوراني، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، شهاب  اوستو، محمد يونس مهر، مير حسن آريسر، خدا ڏنو شاهه، نعمت کهڙو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، ايڊووڪيٽ حبيب پنهور ۽ ٻين اڳواڻن مارچ ۾ شرڪت ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو ۽ زمينن تي قبضو پنجاب جا هاري ۽ مزدور به سنڌ خلاف سازش سمجن ٿا ۽ هو سنڌ جي عوام سان گڏ آهن. هنن چيو ته سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه آهي. سنڌي قوم پنهنجي هزارين سالا تهذيبي تاريخ جي اهڃاڻ سنڌو درياه جي تحفظ لاءِ آخري ساھ تائين ويڙهه جاري رکندي ۽ سنڌ سميت سموري ملڪ خلاف سازش برداشت نه ڪندي.

  1. ڌاڙيل راڄ،ڪئنالن،تاريخي ماڳن تي قبضن خلاف ٺهراءَ منظور

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي هزارين عورتن، وڪيلن، هارين،اديبن، شاعرن، شاگردن،سول سوسائٽي جي اڳواڻن، ٻارن سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ان مان 6 نوان سنڌو درياهه جي پاڻي  ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي جلسي ۾ اتفاق راءِ سان مطالبو ڪيو آهي ته  گرين پاڪستان منصوبن تحت چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. ارسا يڪٽ ۾ صدارتي آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم 1973 واري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي جو مقدار ڇڏيو وڃي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 52 هزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو ڪمپني کي ڏيڻ وارو فيصلو فوري واپس ورتو وڃي اتر سنڌ جي سمورن ضلعن کي پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لاڙ جي ضلعن ۾ بدامني لاقانونيت جو راڄ آھي، سنڌ جي پرامن شھرين اقليتن کي پنهنجي پاليل ڌاڙيلن ھٿان يرغمال بنايو ويو آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سنڌ جا تعليمي بورڊ ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ وٺندڙ ادارن سميت چٽاڀيٽي جا امتحان وٺندڙ ادارا پيپلز پارٽي سرڪار منڊي بڻائي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ رھندڙ غير  قانوني طور غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي،ڪارونجھر، گورک، کير ٿر، گنجي ٽڪر، ڪينجھر، منڇر، ھاليجي، نيشنل پارڪ، ڀنڀور، موئن جو دڙو، مومل جي ماڙي، ڪاهو جو دڙو سميت سمورن تاريخي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. اڄوڪي ھن جلسي عام ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته سنڌ جي تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثن کي بچائڻ لاء خاص اپاءُ وٺي قبضا ختم ڪرايا وڃن. 26هين آئيني ترميم کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ بنيادي آئيني ۽ انساني حق بحال ڪيا وڃن.

  1. درياهه جي تحفظ لاءِ درگاهن جا گادي نشين ڪردار ادا ڪن:رياض چانڊيو

سکر (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو  چيو آھي ته پيپلز پارٽي هڪ ئي وقت قاتل ۽ مقتول سان گڏ بيهڻ وارو ڊرامو بند ڪري سنڌو درياهه جي بچائڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو پارٽي جهنڊن، نعرن، نظرين فرقن ۽ مذهبي فرق کان مٿانهون ٿي 6 ڪروڙ ماڻهن جي جپاپي سنڌو درياهه جي بچائڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اچي 24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان ۽ پهرين ڊسمبرتي عمر ڪوٽ ۾ احتجاج ڪندا، درياهه جي تحفظ لاءِ پير صاحب پنهنجو ڪردار ادا ڪري جيئن چولستان، چابهار ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جو خاتمو ٿي سگهي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن بلاول زرداري جي تازي  بيان جي مذمت ڪندي چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ تي دوکو ڪيو ويو آهي ته ايوان صدر خاموش ڇو آهي سنڌ اسيمبليءَ مان 6 ڪئنالن خلاف  گڏيل ٺهراءُ پاس ڪري احتجاج ڇونه ٿو ڪيو وڃي هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي نظر انداز ڪيو ويو آهي پ پ قيادت سنڌ خلاف ڪيل فيصلن تي سنڌي قوم کان معافي وٺي، هن سنڌ جي درگاھ هاليجي شريف، امروٽ شريف، ٻير شريف جي عالمن کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۽ سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ان موقعي تي نذير احمد شيخ، اياز حسين بليدي موجود هئا.

  1. تڪراري ڪئنالن خلاف سڪرنڊ کان ڄامشوري تائين زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان سڪرنڊ کان پارٽي صدر سيد زين شاھ طرفان سنڌو درياء تي وفاق ڌاڙو ھڻي وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ خلاف نڪتل ريلي ڄامشورو  پهتي، جتي ايس يو پي ڄامشورو جي اڳواڻن خدا بخش ٿيٻو، پير بخش سھارڻ، باغي جي ايم شورو، شاھنواز خاصخيلي، محمد قمبراڻي، سالار ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ منير حيدر شاھ، روشن ٻررڙو، امير آزاد پنھور، حافظ بخشل سھڙو، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل ميمبر شھنواز برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڄامشورو ۾ جلسي جي صورت اختيار  ڪري ورتي جيڪا بعد ۾  حيدرآباد رواني ٿي وئي. ڄامشورو ۾ گڏ ٿيل عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو تـ سنڌو ندي اسان جي ماءُ جي ٿڃ برابر آھي ان سنڌو درياهه جي پاڻي تي وفاق ڌاڙو ھڻي ڪئنال ڪڍي سنڌ کي تباھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي ان تباھي ۾ وڏو ھٿ پ پ جو آھي اھڙي غلط فيصلي خلاف سنڌ جو عوام اٿي کڙو ٿيو آھي، هن چيو ته مان پ پ کي ووٽ ڪندڙن کان مخاطب آھيان تـ ووٽ اسان کي نـ ڏنو اٿو پر سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھڻندڙن۽ سنڌ کي تباھ ڪندڙن خلاف ھو پنھنجن چونڊيل نمائندن کي چون ته ھو اھڙي عمل خلاف آواز اٿارين اھي گونگا آھن تـ توھان اسان سان گڏ بيھون ۽ اسان جي بيداري مارچ جو حصو ٿيو.

  1. سنڌو کسجي ويو ته سنڌ مقتل گاهه بڻجي ويندي:قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين شهيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي چوٿين ورسي سڀاڻي ( اڄ) ٽنڊو الهيار ۾ ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي سنڌو درياءِ تي ڪئنال نامنظور جي سري هيٺ ٽنڊوالهيار جي نصرپور روڊ تي عوامي جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪندو. هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن جي غيرآئيني ۽ غيرقانوني فيصلن سبب سنڌ جو عوام پنهنجي سنڌو درياهه بچائڻ جي لاءِ مسلسل احتجاج ۾ آهي. ڇاڪاڻ سنڌ سمجهي ٿي جيڪڏهن هنن جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه جيڪڏهن هنن کان کسجي ويو ته پوءِ سنڌ مقتل گاه بڻجي ويندو سنڌ جي رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي به نه ملي سگهندو. هن چيو ته نواز ليگ حڪومت پنهنجي ماضي مان سبق حاصل ڪري.

  1. حيدرآباد ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڪميونسٽ پارٽي جي ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ان جي عوامي محاذن سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ  خلاف اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي پڄاڻي تي سنڌو درياهه تي اسٽريٽ ٿيٽر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي چيو ته سنڌو درياھه ۾ پاڻي نه هجڻ باوجود وڌيڪ ڪئنالن جي اڏاوت جي منظوري ڏئي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته گرين انيشيٽو منصوبي تحت سڄي ملڪ جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، حڪمران طبقو ۽ روايتي پارٽيون سامراجي ادارن جا غلام ۽ مئنيجر جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ڪميونسٽ پارٽي جي صوبائي سيڪريٽري اقبال چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون واھه سنڌ جي ماڻهن کي زندگي کان محروم ڪرڻ جو منصوبو  آهي، جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي.

ريلي کي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ميمبر ڪلثوم جمال، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ارباب رستماڻي ۽ ڊي ايس ايف اڳواڻ ذوالفقار کوسو پڻ خطاب ڪيو.

  1. ”پاڪستان کپي“ جو مطلب پاڻي تي سمجهوتو ناهي:ارسلان شيخ

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان شيخ هڪ ڀيرو وفاقي حڪومت تي ٻيهر واضح ڪيو آهي ته  چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن سي سي آءِ ۽ مجلس شورا ۾ به معاملو به حل نه ٿيو ته پوءِ عالمي عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو اسان سي سي آءِ ۾ ڪئنال ڪڍڻ خلاف موقف رکيو آھي  سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته واهه ٺاهي سنڌ جو پاڻي کڻڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي گريٽر ٿل ڪينال تي به پيپلز پارٽي جو موقف ساڳيو ئي رهيو آھي ،”پاڪستان کپي“ جو مطلب پاڻي تي سمجهوتو ناهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه جي پاڻي لاءِ ڪا به سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وفاق ۽ پنجاب سان ڳالهيون ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.