پي ٽي آءِ جي اعلانيل ريلي ۽ عمران خان جون اميدون

تحرير: خدابخش بروھي

پي ٽي آءِ جي باني عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر 24 نومبر تي اسـلام آباد ۾  احتجاج ڪرڻ جو  اعلان ڪري ڇڏيو آھي ٻئي پاسي ميڊيا تي خبرون ھلي رھيون آھن  ته عمران خان عملي طور اسٽيبلشميٽ سان  ڳالهين ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي پر اسٽيبلشميٽ  راضي نٿي ٿئي ميڊيا جي خبرن مطابق اسٽيبلشمينٽ ساڻس  ڳالهائڻ  يا ڪو معاھدو ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نٿي رکي ٻئي پاسي عمران خان به ان  ڳالهه جي تصديق ڪندي  چيو آھي  ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪابه  ڳالهه ناھي ٿي پر ڊيل کان انڪار نه ڪنداسين.

اھو ڇا آھي عمران پنھنجي سڏايل ريلي کي بي معني سمجھي ٿو؟  يا ملڪي نقصان کي محسوس ڪري ٿو؟  يا ملڪي حالتون ھن وقت کيس احتجاج جي اجازت ڪونه ٿيون ڏين ڇو  ته ملڪ ۾ دھشت گردي جي لھر شروع ٿي آھي  ان ڪري اتي گادي واري شھر ۾ ريلي ڪڍڻ صحيح ثابت نه ٿيندو يا شايد  عمران خان ازخود ھاڻ محسوس ڪري ويو آھي  ته سندس ريلي ڪو ٻوٽو نه ٻاريندي  ساڳي ريت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر چيو آهي  ته 24 نومبر جي ڪال به ”مس ڪال“ ثابت ٿيندي. اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آھي   ته پي ٽي آءِ جي 3 مارچ تي ٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، 10 سال اڳ پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس داخل ڪرايو هو جيڪڏهن اسان جو ملڪ مغربي هجي ها  ته اڄ پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت جيل ۾ هجي ها. هن چيو  ته پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو آهي، اهي آمريڪا جي غلامي کي رد ڪرڻ جو نعرو ڪيئن ٿا بلند ڪن؟ پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اهو به چيو  ته پي ٽي آءِ چيئرمين، سيڪريٽري جنرل، ڳجهي اطلاعن جو پي ٽي آءِ سان ڪو به تعلق ناهي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي مڪمل طور يرغمال بڻايو ويو آهي

. عجيب  ڳالهه آهي  ته باني اهو پيغام عليمه خان جي ذريعي ڇو جاري ڪيو جنھن تازو اڊيالا جيل ۾ باني سان پارٽي اڳواڻن کان الڳ ملاقات ڪئي هئي پر وڏي  ڳالهه ھي آھي  اها ڪهڙي قسم جي ڪميٽي آهي جنهن جي نه ميمبرن کي خبر آھي نه  حتمي ڪال جي تاريخ جي خبر آهي ڪڏھن ڪال ٿي سگھي ٿي ان ڏينھن تي ھو ھوشيار رھن ۽ نه ئي ٻين ليڊرن  کي خبر آهي  ته ڪھڙا  ان ڪميٽي ۾ شامل ڪيا ويندا کين اها به خبر ناهي  ته احتجاج ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿيندو يا ان تي ٿيندڙ خرچ جو ذميوار ڪير هوندو.

ڪنهن به ليڊر کي هڪ رپيو خرچ ڪرڻ يا شامل ٿيڻو ناهي. پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي مان جيڪڏهن 25 هزار ماڻهو به احتجاج ۾ شريڪ ٿين  ته به وڏي  ڳالهه آھي ڏٺو وڃي  ته  پي ٽي آءِ جي گذريل احتجاجن ۾ به پنج  ڇھه هزار کان وڌيڪ ماڻهو نظر نه آيا آهن. ڪي پي ڪي ۾ سمورين دعوائن ۽ پئسو خرچ ڪرڻ جي باوجود گذريل  ڪجهه ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ جي سڏ تي صوابي موٽر وي تي پنج کان  ڇهھ هزار ماڻهو گڏ ٿي سگهيا، 26 هين آئيني ترميم ۽ آئيني بينچن کانپوءِ عمران جي آخري اميد به ختم ٿي وئي  آھي ان ڪري اسٽيبلشميمٽ سان ڊيل ضروري آھي ذريعن موجب شايد ڪنهن کيس اها وضاحت  ڪري ٻڌايو آھي  ته  کيس آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ مولانا فضل رحمان  مان تڙ  تڪڙ  ۾ اھڙي اميد نه ڪرڻ کپي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.