ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : عرفان علي کوسو) تنگواڻي جي عدالت مان واپسي تي اسڪول وزٽ ڪندڙ ايجوڪيشن ورڪس ايجوڪيشن ايڪسئين انجنيئر غلام ياسين جکراڻي.ايس ڊي او سجاد دايو.ڊرائيور نعمت الله لاشاري.اينٽي ڪرپشن کاتي جو اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي هٿياربندن هٿان جمال ٿاڻي جي حد نورمحمد جمالي اسڪول ويجهي يرغمال ٿي ويا.موٽرسائيڪل تي سوار 8 هٿياربندن گاڏي جو اڳ وٺي هٿيار سڌا ڪيا جنهن بعد ڪار سوار ڊرائيور نعمت الله لاشاري گاڏي روڪي ورتي ۽ هٿياربندن سڀني ايڪسيئين ايجوڪيشن غلام ياسين جکراڻي.ايس ڊي او سجاد دايو.ڊرائيور نعمت الله لاشاري.اينٽي ڪرپشن اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي کان موبائيل فونون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتا ۽ بعد ۾ هٿياربندن هر هڪ کان نالا پڇيا ته سڀني پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ هٿياربندن اينٽي ڪرپشن اهلڪار ذوالفقار ڏاهاڻي جي سڃاڻپ بعد هن کي ڪار مان لاهي موٽرسائيڪل تي ويهاري اغوا ڪري فرار ٿي ويا.اهڙي واردات بعد ڏاهاڻي برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ هٿيار ساڻ ڪري جمال واري علائقي ۾ پهچي ويا ۽ پوليس اٽالا به وڏي انگ ۾ پهچي جمال واري علائقي ۾ مغوي ذوالفقار ڏاهاڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.آخري اطلاعن تائين مغوي ذوالفقار ڏاهاڻي بازياب نه ٿي سگهيو.هوڏانهن ضلعي اندر اغوا انڊسٽري واري صورتحال بدستور جاري آهي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ هن وقت 8 ڄڻا اغوا ٿي چڪا آهن جيڪي هن مهل تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن ۽ مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.