سڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا، پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 13 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪينگروز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون. ميٿيو شارٽ 32، ايرون هارڊي 28، گلين ميڪسويل 21، جيڪ فريزر 20، مارڪوس اسٽوئنس 14، ٽِم ڊيوڊ 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان طرفان حارث رئوف هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 شڪار ڪيا جڏهن ته عباس آفريدي 3 ۽ سفيان مقيم 2 بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
آسٽريليا جي 148 رنسن جي جواب ۾ سموري پاڪستاني ٽيم 134 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
قومي ٽيم طرفان عثمان خان 52 رنسن جي اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان محمد رضوان 16، بابر اعظم 3، صاحبزاده فرحان 5، سلمان علي آغا ٻڙي، عباس آفريدي چار رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
آسٽريليا جي اسپينسر جانسن پاڪستاني بيٽرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيو، هن 26 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ايڊم زمپا 2 ۽ زيويئر بريٽليٽ هڪ رانديگر ئي آئوٽ ڪيو.
شاندار بالنگ تي اسپينسر جانسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ سومر جي ڏينهن 18 نومبر تي کيڏي ويندي.
ٻي ٽي ٽوئنٽي: 148 رنسن جو هدف پاڪستان لاءِ جبل بڻجي ويو، آسٽريليا ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي
You might also like