پاڪستان کي موجودا قرض پروگرام جي هدف تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو: آءِ ايم ايف

اسلام آباد/واشگنٽن( ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان کي موجودا قرض پروگرام جي هدف تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي چيو ويو آهي ته پاڪستان سان 12 کان 15 نومبر مشن چيف نيٿن پورٽر جي سربراهي ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومتن سان به ڳالهيون ٿيون، ڳالهين ۾ خانگي شعبي جي نمائندن سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايم ايف پڌرائي موجب، معاشي معاملن تي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون هاڪاري رهيون، ويجهڙ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف جي شروعاتي 6 مهينن جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪيون ويون، ڳالهين ۾ معاشي سڌارا، معاشي پاليسيز ۽ معاشي ترقي لاءِ حڪومتي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.
آءِ ايم ايف مشن چيف نيٿن پورٽر چيو ته پاڪستان سان ڳالهيون گڏيل طور تي هاڪاري رهيون، حڪومت اهڙن شعبن کان ٽيڪس آمدن وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪي ٽيڪس نه ڏئي رهيا آهن، سماجي تحفظ ۽ ترقي ۾ صوبن جي ڪردار کي وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿيون.
نيٿن پورٽر موجب، پاڪستان ۾ توانائي جي صڌارن ۽ توانائي جي چئلينجز تي خاص ڳالهيون ڪيون ويون، ڪيترن ئي شعبن ۾ خانگي شعبن جو حصو وڌائي حڪومت جو حصو محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي موجوده قرض پروگرام جي هدف تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مشن چيف آءِ ايم ايف وڌيڪ چيو آهي ته موجودا قرض پروگرام جي هدف تي سختي سان عمل عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪري سگهي ٿو، ڳالهين لاءِ پاڪستان اختيارين جو رويو گهڻو حوصلي ڏيندڙ ۽ سهڪاري هو، پاڪستان اختيارين سان ڳالهين تي آءِ ايم ايم ايگزيڪٽو بورڊ کي آگاهه ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ سال 2025ع جي پهرين ٽن مهينن ۾ ٻيهر پاڪستان ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.