عمر ڪوٽ ۾ ٻن ڀائيٽن کي قتل ڪندڙ ظالم جوابدار مٿان ڪيس داخل

عمرڪوٽ(ڊ ر)  عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ راڻا جاگير  ۾ بي رحم چاچي سترام ميگھواڙ پاران سندس ٻن گلن جھڙن ڀائيٽن اڍائي ورهين جي نريندر پٽ راجيش ميگهواڙ ۽ 18 ميهنن جي سندر پٽ جيون ميگهواڙ کي گهران راند ڪرڻ جي بهاني ٻاهر وٺي وڃي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ڪيل معصوم ٻارڙن سوين آلين اکين سڏڪن سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، ٻي طرف واقعي جو ڪيس راجيش ڪمار پٽ ٻيجل ميگهواڙ جي فرياد تي ظالم چاچا سترام پٽ ٻيجل ميگهواڙ جي مٿان قلم 302 تحت سٽي ٿاڻي عمرڪوٽ تي داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته عمرڪوٽ پوليس گرفتار جوابدار سترام ميگھواڙ کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي 3 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عمرڪوٽ عطا لغاري ٻڌايو ته اسان واقعي جي جوابدار سترام ميگھواڙ کان قتل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيل ڪھاڙي ھٿ ڪري جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو جنھن کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آھي پوليس موجب ته جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي اھڙو قدم کنيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.