گهوٽڪي ( رپورٽُ:آزاد مھر ) شهيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي شهيد نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف لاءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. .ان سلسلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاء محمد يعقوب گڏاڻي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اڳواٽ ئي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا ڪيس مان خارج ٿين پيا اوهان ڇا ڪري سگهندئو, محمد يعقوب گڏاڻي چيو ته ايس ايس پي تنوير وانگارو آهي ان تي اسان کي اڳواٽ ئي خدشا هئا, ڪيس جي جاچ پهريان مڪمل ٿي چڪي هئي، سيشن جج گهوٽڪي وٽ جيڪا جمع ڪرائي وئي هئي. محمد يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان کي مسلسل ٺاھ لاء ڌمڪيون ملي رهيون هيون , ايس پي تنوير تنيو پئسا وٺي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا ڪيس مان ڪڍيا آهن اسان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورماٿيلو جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٿي ان موقعي تي ڪيس جي جاچ آفيسر تنوير تنيو ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي نوابشاه تنوير تنيو ڪيس جي جاچ دوران ڪيس ۾ نامزد پي پي ايم اين اي خالد لنڊ سندس پٽن نورمحمد ۽ شهباز خان لنڊ کي بي گناھ قرار ڏئي سندن نالا ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيا جڏهن ته جوابدار عبدالله لنڊ, اصغر لنڊ, برڪت لنڊ کي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته هڪ وڌيڪ جوابدار نثار لاٽڪي کي به ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي . ٻئي طرف شهيد جي ڀاءُ محمد يعقوب گڏاڻي چيو ته نثار لاٽڪي کان اڳ به ايس ايس پي تنوير تنيو بيان ورتا هئا، اهو بيگناھ آهي .