نه رڳو سپريم ڪورٽ پر آئيني بينچ به پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي: جسٽس محمد علي مظهر

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ اڃا به پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، 26هين آئيني ترميم کانپوءِ رڳو طريقيڪار تبديل ٿيو  آهي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڪالهه پنهنجي ٻئي ڏينهن تي 16 مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، ڪنوينشن سينٽر جي خانگي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان معاملي تي بقايا رقم شايد بعد ۾ ادا ڪئي وئي آهي، بينچ اٽارني جنرل آفيس کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽس ڳجهو رکڻ ۽ لٽيل رقم جي واپسي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر کان ڳجهي پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽس بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي هڪ ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل منير پراچا موقف اختيار ڪيو ته ان ڪيس ۾ وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت ناهي، 26هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي سگهي، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ترميم کانپوءِ رڳو طريقيڪار تبديل ٿيو آهي، سپريم ڪورٽ اڃا به پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته هاڻي پاڻمرادو نوٽيس آئيني بينچ ڏانهن ويندو، ياد رکو ته آئيني بينچ به پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، سنڌ حڪومت خلاف ليڊي هيلٿ ورڪرز جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ وڊيو لنڪ ذريعي آئيني بئنچ آڏو پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي ريگيولر ڪيو ويو آهي، هي ڪيس 184 ٽي جي ڪيٽيگري ۾ نٿو اچي، جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ريگيولرائيزيشن ڇو ڪئي وئي، بنيادي حقن جو معاملو ناهي؟ توهان ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرن جي حوالي سان ڪهڙو ڍانچو ٺاهيو آهي، اسان توهان جو بيان رڪارڊ ڪريون ٿا، آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالتي ملازمن کي اپيل جو حق ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته رولز ٺاهڻ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن جو ڪم آهي، آرٽيڪل 199 جي شق 5 تحت رٽ داخل نه ٿي ڪري سگهجي، ايل پي جي جي قيمتن جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ 2 ڪميشنون ٺاهيون ويون، خبر ناهي ڪهڙي اختيار تحت ڪميشن ٺاهي وئي؟ اسلام آباد ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ تعليمي مقصدن لاءِ زمين نٿي ڏئي سگهجي، جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو زمين تي ڪنهن ٻي جي نظر آهي ۽ اها به خراب آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اهو معاملو ايس آءِ ايف سي ڏانهن ڇو نه موڪليو وڃي؟ جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته خواهش آهي ته يونيورسٽي ٺهي۽ نوجوان پڙهي لکي وڃن، ڪوشش ڪريو معاملو حل ٿي وڃي، بئنچ ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.