بلوچستان جي 10 ضلعن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ معطل

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي.  گوادر، ڪيچ، آواران، خضدار، قلات، زيارت، هرنائي، دڪي، لورالائي، پشين، قلعه سيف الله، زوب ۽ موسيٰ خيل جي مقامي عملدارن تصديق ڪئي. پي ٽي اي پڌرائي موجب اهڙو عمل مجاز ادارن جي هدايتن تي ڪيو ويو. پڌرائي موجب اهو قدم انهن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيو ويو.

ٻئي پاسي واهپيدارن خاص طور فري لانسرن، واپارين ۽ شاگردن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

  1. بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ جي مشاورت ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي پي ٽي آءِ جي مشاورت ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ذريعن موجب بشريٰ بي بي سياست ۾  ناهي اچي رهي پر پي ٽي آءِ باني جون هدايتون پارٽي تائين پهچائيندي. هن پشاور کان سڄي ملڪ جي تنظيم کي حڪم جاري ڪيا هئا. ذريعن موجب بشريٰ بي بي پارٽي اڳواڻن کي پشاور ۾ ملاقات لاءِ طلب ڪيو پر عليما خان جي ويجهن اڳواڻن کي نه گهرايو ۽ مک قيادت کي به مشاورتي عمل ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.