اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پنج ڏينهن واريون ڳالهيون ختم ٿي ويون، ڪالهه ڳالهين جي آخري ڏينهن تي ناڻي واري وزير، صوبائي حڪومتن، ايف بي آر سان ملاقاتون ڪيون، آءِ ايم ايف مشن 12 هزار 970 ارب جي ٽيڪس هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، ڳالهين دوران صوبائي بجيٽ سرپلس جا نظرثاني ٿيل انگ اکر آءِ ايم ايف مشن سان شيئر ڪيا ويا، حڪومت پرڏيهي فنانسنگ جي انتظامن جو به يقين ڏياريو، آءِ ايم ايف وفد کي صوبائي سرپلس بجيٽ تي قائل ڪيو ويو، جڏهن ته زرعي ٽيڪس تي حڪومت کي جزوي ڪاميابي ملي آهي، آءِ ايم ايف جنوري کان زرعي ٽيڪس جي وصولي شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، ناڻي واري وزارت پاران چيو ويو ته 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ صوبائي سرپلس 360 ارب رهيو، مجموعي صوبائي سرپلس هدف کان 18 ارب وڌيڪ رهيو، جولاءِ کان سيپٽمبر تائين پنجاب حڪومت جو صوبائي سرپلس 40 ارب رپيا رهيو، ياد رهي ته پنجاب حڪومت جي گذريل رپورٽ ۾ 160 ارب رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو هو، آءِ ايم ايف مشن صوبائي حڪومتن کان غير معمولي سوال پڇيا ۽ سنڌ کي قانون سازي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، آءِ ايم ايف جنوري کان زرعي ٽيڪس جي وصولي شروع ڪرڻ تي زور ڀريو، صوبائي حڪومتن مشن کي يقين ڏياريو ته مالياتي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ماهر ڀرتي ڪيا ويندا، ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ آءِ ايم ايف جو مشن اڄ واپس روانو ٿيندو.