سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار، مڪيش ڪمار وزير ۽ سليم بلوچ خاص مددگار مقرر

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ۽ قلمدانن ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن. ڪراچي مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پيپلز پارٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي مڪيش ڪمار چاولا کي صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير دوست علي رحمان کي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.  نوٽيفڪيشن موجب ايم پي اي سليم بلوچ ۽ لال چند اڪراڻي کي وڏي وزير جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي، شرجيل ميمڻ کان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو واپس وٺي مڪيش چاولا کي ڏنو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب لائيو اسٽاڪ کاتي جو قلمدان صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي ڏنو ويو آهي. سليم بلوچ کي پبلڪ هيلٿ، جبار خان کي فوڊ ڊپارٽمينٽ، جڏهن ته لال چند اڪراڻي کي اقليتي معاملن جو قلمدان ڏنو ويو آهي. خاص مددگار عثمان هنڱورو کي پرائس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ جو قلمدان ڏنو ويو ۽ خاص مددگار قاسم شاهه کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو قلمدان ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.