ٽرمپ جي ترجيح ۾ پاڪستان ٽين درجي تي آھي

آمريڪي وزيرن جي ٽيم ۾ سينيٽر مارڪو روبيو کي نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو ماضي ۾ ٽرمپ جو مخالف رهيو آهي پر پرڏيهي پاليسي جي معاملن جو ماهر سمجهي وڃي ٿو.اھو پرڏيھي وزارت سنڀاليندو.روبيو هن سال جولاءِ ۾ آمريڪي سينيٽ ۾ ھندستان  جي حمايت ۽ پاڪستان جي مخالفت ۾ بل پيش ڪيو هو.

ان بل  جو مقصد ٻنهي ملڪن ( آمريڪا ۽ ھندستان )  ۾ دفاعي پارٽنرشپ کي وڌائڻ ھو ته جيئن انڊوپيسفڪ خطي ۾ ” چين جي وڌندڙ  جارحيت“ کي روڪي سگھجي.بل ۾ چيو ويو ھو تھ هندستان کي پيش ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي ان کي سيڪيورٽي تعاون فراهم ڪيو وڃي ۽ ھندستان سان دفاعي، سول اسپيس، ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سھڪار ڪيو وڃي. بل ۾ تجويز ڪيو ويو ته” ٽيڪنالاجي  منتقلي“ جي حوالي سان ھندستان سان  پڻ آمريڪا جاپان، اسرائيل، ڪوريا ۽ نيٽو اتحادين جھڙو ئي رويو اختيار ڪري.

آمريڪي سياست ۽ پاليسي سازن تي سخت نظر رکندڙ تجزيه نگارن ۽ مبصرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته پاڪستان نئين آمريڪي صدر جي ترجيح ۾ شامل ناهي.سمجھيو پيو وڃي تھپاڪستان  ٽرمپ انتظاميه جي ترجيح ۾ ٽئين درجي تي رهندو، ٻي صورت ۾ پاڪستان کي پاڻ کي نئين انتظاميه لاءِ مددگار ثابت ڪرڻو پوندو.مبصر ان خيال جا آھن تھ ٽرمپ انتظاميھ پهرين وچ اوڀر ۽ خاص ڪري ايران تي ڌيان ڏيندي.نئين آمريڪي انتظاميه کي ڪيترا  چئلينج سامھون آھن.پاڪستان، خاص ڪري ان جي اندروني سياست ۽ ان جا ھندستان سان لاڳاپا، ھنن جي فھرست ۾ موجود  اوليت ۾ صفا ھيٺ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.