ڪراچيءَ ۾ چئن ڏينهن لاءِ اسڪول بند رکڻ جي سفارش

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ 19 کان 22 نومبر تائين شاهراهه فيصل ۽ ڪارساز جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اسڪول بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ڪراچيءَ ۾ عالمي نمائش جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامن کي نظر ۾ رکندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ طرفان ڪمشنر ڪراچي کي 19 کان 22 نومبر تائين شاهراهه فيصل ۽ ڪارساز جي ڀرپاسي قائم اسڪول بند رکڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما طرفان لکيل خط ۾ شاهراهه فيصل ۽ ڪارساز جي ڀرپاسي سمورا اسڪول 4 ڏينهن تائين بند رکڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسڪول کلڻ سان ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي، اسڪولن جي بندش سان نمائش دوران ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.