ميرپور ماٿيلو( رپورٽر ) ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ حتمي چالان پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي آجو قرار ڏنو ويو.
ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
ڊي ايس پي حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي آجا قرار ڏنو ويو.
ڪيس جي چالان ۾ اصغر، برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي جوابدار ڄاڻايو ويو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Prev Post
You might also like