ملڪ ۾ سون سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ گذريل ڏينهن سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ بعد اڄ وري في تولو سون سوين رپيا مهانگو ٿي ويو .
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 13 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 67 هزار 7 سئو رپين جيو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1115 رپيا واڌ بعد 2 لک 29 هزار 510 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 13 ڊالر اضافي سان 2 هزار 565 ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.