اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ گذريل 7 سالن دوران کدڙن فقيرن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي.
شماريات واري اداري موجب، پاڪستان ۾ 2017ع ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 21 هزار 774 هو، جڏهن ته 2023ع تائين کدڙن فقيرن جو انگ 20 هزار 331 ٿي ويندو، ستن سالن ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 1443 گهٽجي ويو.
2023 جي آدم شماري موجب، خيبرپختونخواهه ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 1117 هو، پنجاب ۾ 13 هزار 957 جڏهن ته سنڌ ۾ انگ 4 هزار 222 هو. بلوچستان ۾ 765 ۽ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اهو انگ 270 رهيو.
Next Post
You might also like