ڀارت ۾ هڪ ٻئي ڪرڪيٽر جي پيءُ اسٽار ڪرڪيٽرز تي پٽ جي ڪيريئر جا ڏهه سال برباد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.
سنجو سيمسن ڏکڻ آفريڪا خلاف جاري چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڀارتي پلينگ اليون جو حصو آهي.
سيريز جي پهرين ميچ ۾ سنجو ڏکڻ آفريڪا خلاف 50 بالن تي 107 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس شاندار سينچري ڀارت جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
گذريل مهيني به سنجو سيمسن بنگلاديش خلاف به 47 بالن تي 111 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.
پر هاڻي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنجو سيمسن جي پيءَ ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽرن تي الزام لڳائيندي چيو ته ويرات ڪوهلي، ايم ايس ڌوني، روهت شرما ۽ راهول ڊريوڊ جهڙن رانديگرن سندس پٽ کي کيڏڻ جو موقعو نه ڏئي هن جي ڪيريئر جا ڏهه قيمتي سال ضائع ڪري ڇڏيا.
وشوناٿ سيمسن اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪرس سريڪانت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سنجو جي ڪيريئر جي پهرين سينچري بنگلاديش اسڪور ڪئي جنهن تي ڪرڪيٽر ڪري سريڪانت جي تبصرو ڏاڍو مايوس ڪيو.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سينچري، سينچري هوندي آهي، سريڪانت پاڻ بنگلاديش جي خلاف 26 رنسون ٺاهيون هيون، سنجو، سچن ٽنڊولڪر ۽ راهول ڊريوڊ جهڙيون صلاحيتون رکندڙ ڪرڪيٽر آهي.