لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) گيري ڪرسٽن سان خراب لاڳاپن ۽ تلخ تجربي کانپوءِ پرڏيهي هيڊ ڪوچز مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو پهه ڪري ورتو.
ذريعن موجب، ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جو معاهدو وقت کان اڳ ختم ڪري کيس عهدي تان هٽايو ويندو، جڏهن ته ٽنهي فارميٽ ۾ پاڪستاني هيڊ ڪوچ جي مقرريءَ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گيري ڪرسٽن جي رويي پي سي بي جي اعليٰ عملدارن جو اکيون کولي ڇڏيون آهن، زمبابوي جي دوري دوران پاڪستان جي نئين هيڊ ڪوچ جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پاڪستاني هيڊ ڪوچ سان گڏ سپورٽ اسٽاف ۾ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ پرڏيهي هئڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڪوچز جا نخرا ۽ مطالبا گهڻا هوندا آهن ۽ هو اڪثر پي سي بي اختيارين کي بليڪ ميل ڪن ٿا.
جيسن گليسپي به ڪجهه شرطون مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پي سي بي انڪار ڪندي کيس وارننگ جاري ڪئي ته سندس مقرري عارضي آهي، تنهنڪري ظابطن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪري.
ذريعن موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ وائيٽ بال هيڊ ڪوچ جو اعلان ڪيو ويندو.
ماضي ۾ وقار يونس، مصباح الحق، ثقلين مشتاق ۽ محمد حفيظ پاڪستاني ٽيم سان ڪوچنگ پئنل جي سربراهي ڪري چڪا آهن، پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سدائين پرڏيهي ڪوچز کي اهيمت ڏيندو رهيو آهي.
You might also like