لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته سڀ ڪجهه آءِ سي سي جي ڪري ٿيو، ڪوئي نٿو کيڏڻ چاهي ته ٻي ٽيم شامل ڪريو.
هڪ بيان ۾محمد عامر چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني هاڻي پاڪستان کي ناهي ملي، ان جو فيصلو گهڻو اڳ ٿي چڪو هو، ميگا ايونٽ لاءِ پي سي بي گرائونڊز جي اپ گريڊيشن تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو آهي.
هن چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي اوهان ايترو خرچ ڪيو ۽ هڪ ٽيم اوچتو نه کيڏڻ جو اعلان ڪندي ٽورنامينٽ ملتوي ڪرڻ جو شوشو ڇڏي ڏئي.
فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ هو ته نه کيڏڻ ۽ ٽورنامينٽ ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جا جوڳا ڪارڻ به پيش ڪرڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته تازو ئي انگلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪري چڪيون آهن، انڪار لاءِ اوهان کي جوڳا سبب بيان ڪرڻا پوندا.
فاسٽ بالر چيو ته جيڪڏهن اوهان ( ڀارت ) انا جو مسئلو بڻايو آهي ته هو اوهان جو مسئلو آهي، جيڪڏهن اوهان کيڏڻ چاهيو ٿا ته کيڏو، پاڪستان سٺو ميزبان آهي.
محمد عامر سموري معاملي جو ذميوار آءِ سي سي کي قرار ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو نٿو کيڏڻ چاهي ته ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي ٽيم کي شامل ڪري ٽورنامينٽ ڪرايو.
You might also like