ليجنڊري ٽينس اسٽار ثانيا مرزا وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا کي دبئي پنهنجو راندين جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو.
ثانيا مرزا کي اربع جي ڏينهن دبئي اسپورٽس ڪائونسل طرفان راندين جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
2005ع ۾ قائم ٿيل اسپورٽس ڪائونسل متحد عرب امارات جي راڄڌاني ۾ راندين جي شعبي جي ترقي جو سرڪاري ادارو آهي.
ڪائونسل دبئي جي ست مقامي اسپورٽس ڪلبز جي نگراني ڪري ٿي ۽ معاشرتي سطح تي خاص طور عورتن ۽ ٻارن ۾ جسماني سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ متحرڪ آهي.
اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي اِها خوشخبري پنهنجي مداحن ۽ فالوورز سان شيئر ڪئي.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ” دبئي جي اسپورٽس ايمبيسڊر بڻجڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿي ۽ اداري جي ٿورائتي آهيان“
تقريب ۾ راندين جي دنيا سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ يو ايف سي چيمپيئن خبيب ۽ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه به شامل هو.
ثانيا مرزا راندين جو سفير بڻجڻ تي سندس مداح مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.