ملڪ ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر، مجموعي انگ 49 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو متاثر ٻارن جو انگ 49 ٿي ويو آهي.
اختيارين موجب بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد مان نئون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، بلوچستان هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي، جتي 24 پوليو ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.
اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ۾ 13، خيبر پختونخواهه ۾ 10، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ – هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.