پاڪستان ۾ وي پي اين رجسٽريشن جو نئون طريقو متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ورچوئول پرائيويٽ نيٽ ورڪ ( وي پي اين ) جي رجسٽريشن لاءِ نئون طريقو متعارف ڪرايو ويو آهي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) طرفان غير رجسٽرڊ وي پي اينز جي رجسٽريشن واري معاملي تي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورتي اجلاس ڪيو جنهن ۾ لاڳاپيل نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پي ٽي اي طرفان وي پي اين جي رجسٽريشن بابت هڪ نئون طريقو متعارف ڪرايو ويو جنهن تحت واهپيدار هاڻي پنهنجي وي پي اينز هڪ نئين آن لائين پليٽ فارم ذريعي رجسٽرڊ ڪرائي سگهندا.
پي ٽي اي موجب، واهپيدار پنهنجا وي پي اينز ipregistration.pta.gov.pk تان رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي مشاورتي اجلاس ۾ شامل نمائندن محفوظ رابطن لاءِ وي پي اين جي اهميت کي تسليم ڪيو، جڏهن ته ان دوران غيرقانوني سرگرمين ۾ وي پي اينز جي امڪاني غلط استعمال جي خدشن جو جائزو پڻ ورتو ويو.
پي ٽي اي پڌرائي موجب، رجسٽريشن فريم ورڪ آءِ ٽي ڪمپنين، فري لانسرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز لاءِ بنا رنڊڪ انٽرنيٽ تائين پهچ ممڪن بڻائڻ جو عمل آهي جڏهن ته وي پي اينز جي رجسٽريشن لاءِ ڪمپنين ۽ فري لانسرز جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.