چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ پرعزم آهيون، افواهن جو جواب نٿا ڏئي سگهون: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ چيني شهرين بابت ميڊيا افواهن جو جواب نٿا ڏئي سگهون، پاڪستان چيني شهرين، ڪمپنين ۽ منصوبن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دوستي وارا لاڳاپا آهن، هو گڏيل مفادن ۽ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي هلي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪي انتظاميا ۾ ڪنهن جي مقرري جو مطالبو نٿو ڪري سگهي، زلمي خليل زاد وٽ ڪوئي عهدو ناهي، سوشل ميڊيا تي ڪنهن قسم جي بيان جو جواب نٿو ڏئي سگهجي.
لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حملي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪوبه احتجاج حد اندر ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني جتي به آهن، انهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي، ڪنهن کي به گار گند جي اجازت ناهي.
پاڪستان ۾ ايندڙ سال 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين شيڊول چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت کان ڀارتي انڪار بابت هن چيو ته ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ بابت ڪرڪيٽ بورڊ ئي بهتر رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڪو به بيڪ ڊورچئنل ناهي، ڀارت کي راندين ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي ايجنڊا تحت خراب ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين بابت ميڊيا افواهن جو جواب نٿا ڏئي سگهون، پاڪستان چيني شهرين، ڪمپنين ۽ منصوبن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ڪشميري سياسي قيدين جي قيد تي سنجيده خدشن جو اظهار ڪري ٿو، ڪيئي سياسي قيدين کي گنجائش کان وڌيڪ ڀريل جيلن ۾ رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.