موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ 8 لک گهر تعمير ڪيا آهن:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آمريڪي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار پاڪستان  ايلزبيٿ هورسٽ  وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت موسمياتي تبديلي، سماجي ترقي ۽ معيشت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، آمريڪي قونصل جنرل مسٽر اسڪاٽ آربوم، پوليٽيڪل آفيسر جيراڊ هينسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. موسمياتي تبديليءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 2022ع ۾ سنڌ کي گهڻو نقصان پهتو جڏهن ته تيز برساتن ۽ ٻوڏن سبب 21 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته ڊونر ايجنسين ۽ صوبائي حڪومت جي 57 ارب سميت وفاقي حڪومت پاران ملندڙ برابر گرانٽ سان تباهه ٿيل گهرن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت تائين اٺ لک موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ گهر تعمير ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت گهرن لاءِ پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت  جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڊونر ايجنسين کي ڳولي رهي آهي. اسان انهن کي شمسي توانائي فراهم ڪرڻ جي منصوبابندي پڻ ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ مالي مدد جي ضرورت آهي،هن چيو ته سندس حڪومت صحت جي شعبي ۾ نمايان بهتري آندي آهي جڏهن ته تعليم ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايلزبيٿ هورسٽ پڻ زراعت کي جديد بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ڳوٺاڻن جي روزگار کي وڌايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.