لنڊن(م ڊ) لنڊن ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف کي گاريون ڏيڻ ۽ چاقو سان حملن جي ڌمڪي واري وڊيو سامهون اچي وئي آهي، لنڊن گرائونڊ اسٽيشن تي اڻڄاتل شخص خواجا آصف جو پيڇو ڪيو ۽ کيس چاقو سان حملي جي ڌمڪي ڏني، خواجه آصف جي ويجهن ذريعن واقعي جي تصديق ڪئي آهي ته ڌمڪيون ۽ گاريون ڏيڻ واري وڊيو حقيقي آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي.ٻي پاسي پاڪستان جي حڪومت معاملي جو نوٽيس وٺندي لنڊن ۾ هاءِ ڪميشن کي پوليس سان رابطي جي هدايت ڪئي آهي.