ڪراچي (رپورٽر ) ماحولياتي ماهر ياسر حسين، محمود عالم خالد ۽ آفاق ڀٽي سان گڏ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جنهن هوا ۾ ساهه کڻون ٿا، اھا گدلاڻ واري زهر سان ڀريل آهي، جنهن ۾ گاڏين جو دونهون اهم ڪردار ادا ڪري ٿوھنن چيو تھ لاهور جي ھوا جي ڪوالٽي جي معيار جو انڊيڪس (AQI) هاڻوڪي وقتن ۾ خطرناڪ حد تائين 1,700 کان وڌيڪ ٿي ويو آھي، جڏهن ته ملتان جو AQI 2400 تائين پهچي چڪو آهي، جنھن ڪر ي شھر جا 14 لک رهواسي تازي هوا لاءِ پريشان بڻيل آهن. رڳو لاهور جو مسئلو ناهي. پاڪستان جي مختلف شهرن ڪراچي کان ويندي ملتان ۽ پشاور تائين آلودگي ۽ سموگ جي خطرناڪ مرڪب تحت ساھھ کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رھي آھي، جنھن ڪري پاڪستان ۾ هر سال 100,000 کان وڌيڪ موت فضائي آلودگيءَ جي ڪري ٿي رھيا آھن، جڏھن تھ اھڙا انگ اکر اڃان به وڌيڪ ھئڻ جا انڪشاف ٿي رھيا آھن. ھنن چيو تھ پاڪستان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آھي، نتيجي طور سراسري زندگي جي متوقع مدي ۾ 3.89 سالن جي گھٽتائي ٿي آهي، اھو نظر نھ ايندڙ قاتل پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارن صوبن پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد ۾موجود آھي، پر ان کي ڏسي نھ ٿو سگھجي. هنن چيو ته پاڪستان جي فضائي آلودگي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عارضي گرين لاڪ ڊائون ڪافي ناهي، سطحي قدمن جهڙوڪ ٻه اسٽروڪ گاڏين تي پابندي يا ٻاهرين سرگرمين تي پابندي رڳو غير ضروري دير جو سبب بڻجي ٿي. جڏهن ته بنيادي مسئلن جهڙوڪ گاڏين جو دونھون، صنعتي آلودگي ۽ گند ڪچري کي باهه ڏيڻ شامل آھن، فضائي آلودگي کي اثرائتي نموني سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي مرتب ڪرڻ ضروري آهي، بجلي تي منتقل ٿيندڙ گاڏين، قابل تجديد توانائي ڏانهن شفٽ ۽ خطرناڪ اخراج وارن سببن کي معياري بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي،