اسلام آباد( بيورو رپورٽ) فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت چيو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ هوندي، ڪڻڪ برآمد ٿيندي يا نه، ان جو فيصلو مارچ ۾ ڪيو ويندو. سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس مسرور احسن جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي عملدارن ڪميٽي ميمبرن کي بريفنگ ڏني. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيندي، گذريل سال ڪڻڪ جي ٻج جي دستيابي 5 لک 29 هزار ميٽرڪ ٽن هئي. هن چيو ته ڪڻڪ جي برآمد ملڪي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي روڪي وئي آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڪڻڪ جو استعمال 32 ملين ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ آهي، چئني صوبن وٽ 8 ملين ميٽرڪ ٽن جا ذخيرا موجود آهن، ان بابت فيصلو ڪيو ويندو. مارچ ۾ ڪڻڪ برآمد ٿيڻ گهرجي يا نه. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته هلندڙ سال 24-2023ع ۾ مجموعي طور 293 ملين ڪاٽن سيس گڏ ڪئي وئي آهي. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته فيڪٽريون هلي رهيون آهن پر ڪو به ڪاٽن سيس نٿو ڏئي. سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪڻڪ امپورٽ اسڪينڊل جي جاچ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ايم ڊي پاسڪو چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل تي انڪوائري ڪميٽيون اڳ ئي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪميٽي چيئرمين مسرور احسن چيو ته اسان رڳو انهن ڪميٽين تي ڀروسو نٿا ڪري سگهون، هي وڏو اسڪينڊل آهي، ذيلي ڪميٽي پنهنجي طور تي جاچ ڪندي.