محڪوم ۽ مظلوم صدين کان پيڙھيل غلامي جي ور چڙھيل مٽي ھاڻن ماڻھن جي پورھيو ڪندڙ ڦٽيل ھٿن کي مقدس ۽ متبرڪ سمجھي انھن کي پنھنجي اکين تي رکي چمندي ساھ جي آخري تند تائين انھن ڏاڍ جي ڏکايل مسڪين پورھيتن لا۽ جدوجھد ڪندي ۽ ان جدوجھد ۾ سسئي جيان جبل جھاڳيندي سفر ۾ پاڻ ارپيندڙ شھيد حسن ناصر جو اڄ شھادت جو ڏينھن آھي جنھن لاھور جي لال قلعي ۾ ايوبي آمريت جا سڀ وحشي تشدد ۽ تڪليفون برداشت ڪري پنھنجي زندگي ته ڏئي ڇڏي پر پنھنجي فڪر ۽ مزدور جدوجھد جي عزم کي نه ڇڏيو ۽ نه ئي انساني ضمير جي اعلي مقصد واري پرچم کي جھڪڻ ڏنو .
لال قلعي ۾ ٽن مھينن تائين جي اذيت کي پاڻ مٿان برداشت ڪندي ھن ڇا ڇا نه سٺو ھوندو پاڻ ان ڪيفيت جو تصور به شايد نه ڪري سگھون ڇو ته ھو پل پل ماريو ويو ۽ اھو سڀ ڪجهھ ان ڪري ته ھن مظلوم پورھيتن جي حقن جي ڳالهھ ڪئي ھن طبقاتي روش ختم ڪري انساني اعلي معراج جي ڳالهه ڪئي ھن آمريڪا سامراج سميت سندس خيرات تي پلجندڙ ونگارين جي ھڪ ھٽي ختم ڪري سرمائيداري جھڙي لعنت جيڪا غريب کي ويتر غريب ۽ سرمائيدار جي دولت ۾ اضاضو ڪندي رھي ٿي جي مخالفت ڪندي پنھنجي خاندان جي عيش و عشرت ڇڏي ذلتن جي ماريل پيٽ تي پٿر ٻڌي ظلمتن جي شڪار انسانن سان گڏ بيھي پنھنجو حقيقي انسان ھجڻ جو ڪردار ادا ڪيو.
ھو شھيد شاھ عنايت کان شھيد سورھيه بادشاھ جي فڪر جي رستي جو راھي ھيو جنھن ھر وقت پنھنجي اندر ۾ وحشي قوتن جنھن صدين کان انسانن جو استحصال ڪري اقليت ۾ ھوندي به پنھنجي وجود لا۽ پورھيتن جي رت ۽ پگھر سان آسانيون ۽ آسائشيون پيدا ڪري مزدورن ھارين ۽ ھر قسم جي پورھئي ڪندڙ اڪثريت جي وجود کان انڪار ڪندي نيچرل سائنس جي قانون تي عمل ڪندا آيا آھن ۽ اڄ به ان ڪاري پاڇي ھيٺ پورھيتن جو استحصال جاري آھي.
پر اسان کي يقين آھي ته ھي باطل استحصالي قوتن جي خلاف پورھيتن جي جدوجھد ۽ اسان جي سورمن جي رت جي لازوال قربانينن ذريعي نظام نيٺ پنھنجي پڄاڻي تي پھچندي انساني وقار ۽ بلندي جو سج ھڪ ڏينھن ضرور اڀرندو