ٽرمپَ جِي سوڀَ ۽ دنيا جو مستقبل

تحرير: ياسر قاضي

آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ”پينٽاگون“ جي نه چاهڻ باوجُود رِيئل اسٽيٽ جي دنيا جو بادشاهه، گولف جو شوقين، ماهر کلاڙي ۽ 18 گولف ڪورسز هلائيندڙ 78 ساله ’ڊونلڊ ٽرمپ‘ هڪ دفعو ٻيهر چُونڊجِي، ’صاحب بهادر‘ امريڪا 47هون صدر بڻجي ويو، جيڪو روايت موجب لڳ ڀڳ ٻه مهينا امريڪي اهم ادارن کان بريفنگس وٺڻ بعد 20 جنوري 2025ع تي واشنگٽن ۾ ”ڪيپيٽول هِل“ آڏو، امريڪا جي صدر طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. ٻئي طرف متوسط طبقي مان اُڀري آيل، ڀارت جي ڏکڻ واري علائقي ”تامل ناڊُو“ ڄائي قانوندان، ’ڪاملا هيرس‘ (جنهن جو اصل نالو ”ڪملا ديوي“ ٻڌايو وڃي ٿو)، اڪثر ’پولس‘ ۽ سرويز مُوجب مقبول اميدوار هئڻ ۽ امريڪي ميڊيا توڙي اسٽيبلشمينٽ جِي وڏي حمايت حاصل هئڻ باوجُود صدارتي اميدوار طور چُونڊَ هارائي وئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٽرمپ ٻئي ڀيرا عورتن کي هارائي امريڪي صدر بڻيو آهي. 2016ع ۾ هن هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏني ۽ هاڻي 2024ع ۾ ڪاملا هيرس کي هارائي وائيٽ هائوس جو مڪين بڻيو، جڏهن ته ان وچ ۾ هن جڏهن سن 2020ع ۾ ڪنهن ’مرد اميدوارَ‘ (جو بائيڊن) سان مقابلو ڪيو، ته اهو مقابلو هُو هارائي ويو. جيڪڏهن هُو اهو مقابلو کٽي وڃي ها، ته لاڳيتا ٻه مُدا امريڪي صدر رهي ها ۽ کيس ”وائيٽ هائوس“ ڇڏڻ جي زحمت ئي نه ڪرڻي پوي ها! بائيڊن عمر ۾ ٽرمپ کان 3 سال وڏو (81 سالن جو) آهي، جڏهن ته هيلري ٽرمپ کان فقط هڪ سال ننڍي (77 سالن جي) ۽ ڪاملا کائنس 18 سال ننڍي (60 سالن جي) آهي.

صدارتي چونڊن جي پُورِي مهم دؤران ڪٿي به ايئن محسوس ڪونه ٿيو ته ٽرمپ هيءَ چُونڊَ کٽندو. جڏهن مٿس حملو ٿيو ۽ هُو ان ۾ بچي ويو ته پوري دنيا جي ميڊيا کُلي عام چيو ته اهي حملا همدرديون ميڙڻ لاءِ ٽرمپَ پنهنجو پاڻ تي پاڻ ڪرايا آهن. جڏهن ٻنهي صدارتي اميدوارن جي وچ ۾ کليا مباحثا ٿيا ۽ اهي سڄي دنيا ٽيليويزن اسڪرينس تي ڏٺا ته انهن ۾ ٽرمپ پنهنجي روايتي غير سنجيده انداز ۾ الزام تراشيون ۽ ٺٺولَ ڪندي نظر آيو، جڏهن ته ڪمالا سنجيده انداز ۾ پنهنجي مستقبل جي پاليسين جو پرچار ڪندي نظر آئي. آخر ۾ ته انهن مناظرن ۾ ڪمالا آڏو ٿيڻ کان ٽرمپ نابري واري ڀَڄي پڻ ويو. ٽرمپ دنيا ڀَر جي پريس ۾ به غير مقبول اميدوار هو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪن گڏجاڻين ۾ پريس کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ تي عالمي پريس کائنس ناراض رهي ۽ وڏي ڳالهه ته ٽرمپ جي سوڀَ امريڪا جي مختلف سرڪاري غير سرڪاري تحقيقي ادارن پاران ڪرايل سروي ۽ ’Polls‘ جي به ابتڙ هئي.

سندس سوڀ مان هڪ ڳالهه ته اها واضح ٿي ته ڪجھه به هجي، امريڪا ۾ جمهوري عمل مضبوط آهي ۽ حقيقي طاقت عوام وٽ ئي آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته ”اسٽيبلشمينٽ“ جي نه چاهڻ باوجُود، انهن جو ناپسنديده اميدوار چونڊ کٽي ٿو وڃي ۽ ”وسَ وارا“ ان شفاف عمل ۾ نتيجا مٽائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي هٿَ چُراند نٿا ڪن. ٻِي ڳالهه اها ٿي ثابت ٿئي ته امريڪا جو عوام اڻ ڪَٿيا حيران ڪُن نتيجا ڏئي سگھي ٿو ۽ اوچتو ڪنهن غير متوقع نتيجي سان دنيا کي حيران به ڪري سگھي ٿو. ٽرمپ جي غير روايتي سياست توڙي حڪمرانيءَ جي انداز ۽ سندس ”اڻ گھڙئي“ ذاتي ڪُڀاءَ سبب سندس چُونڊ کي ڪن حلقن پاران امريڪي عوام جي شعوري پستيءَ سان به تعبير ڪيو ٿو وڃي ته امريڪي عوام جي ترجيح هاڻي ٽرمپ جهڙو غير سنجيده حڪمران وڃي رهيو آهي!!؟؟آمريڪي صدر جي چُونڊَ، امريڪا کان وڌيڪ اسان جهڙن ملڪن لاءِ اهميت رکي ٿي، جيڪي پنهنجي هر فيصلي کان اڳ ۾ واشنگٽن ڏانهن نهارن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هتان جا ماڻهو پنهنجي وزيرِاعظم جِي چونڊ کان وڌيڪ ان ۾ دلچسپي رکندا آهن ته امريڪي اقتدار جُون واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ ٿيون اچن، ڇاڪاڻ ته اسانجي داخلي توڙي خارجي پاليسين جا رنگ مَٽجڻ جو گھڻو تڻو دارومدار ’وائيٽ هائوس‘ ۽ ’بيضوِي دفترَ‘ تي هوندو آهي.

جيتوڻيڪ پاڪستان جا اهي عوامي حلقا، جيڪي ”قيدي نمبر 804“ جي رِهائيءَ لاءِ ٽرمپ جي صدارتي چونڊ ۾ سوڀ جو آسرو ڪيو ويٺا هئا، انهن جي سوچ خام خياليءَ کانسواءِ ڪجھه به ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي شايد اهو ياد ناهي ته 2019ع ۾ ٽرمپَ، ”اڇي گھر“ جي پنهنجي ذاتي رهائش واري حصي ۾ تڏهوڪي پاڪستاني وزيرِاعظم جو ڀرپور استقبال ڀلي ڪيو هجي ۽ سندس ونيءَ ’ميلينيا‘، عمران خان سان ڌار ”سيلفي“ ڀلي ڪڍرائي هجي، پر سندس ئي دؤر ۾ پاڪستان ڏانهن اقتصادي معاملن ۾ ٽرمپَ جو روّيو نهايت سخت رهيو. هن پڌري پَٽ پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ اسانجي فوجي امداد ۾ 300 ملين ڊالرن جي ڪٽوتي ڪئي. گڏوگڏ هن عمراني دؤر ۾ پاڪستان تي اهو الزام پڻ هنيو ته پاڪستان پنهنجي ڌرتيءَ تي موجود شدت پسندن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪونه پيو ڪري. اها ڳالهه به سڀني کي خبر آهي ته خطي جي سياسي تقابل ۾ ٽرمپَ، سدائين ڀارت کي پاڪستان تي ترجيح ڏني. هن کُلي عام ’موديءَ‘ کي پنهنجو سنگتي سڏي، چين خلاف هندوستان کي خطي جِي انتهائي اهم طاقت طور ڏٺو ۽ مڃيو. جنهن ڪري ٽرمپ جي پوري دؤر ۾ پاڪستان سدائين اڪيلائيءَ جو شڪار رهيو. ٽرمپ پنهنجي تازِي پوري صدارتي مهم دؤران بنگلاديش ۾ هندو اقليتن جي مسئلي تي ته ڳالهايو، پر ”قيدي نمبر 804“ جو ڪٿي به ذڪر ڪونه ڪيائين. انڪري اها اميد رکڻ ته 20 جنوريءَ کان پوءِ ’اندريان‘ ٻاهر ۽ ’ٻاهريان‘ اندر هوندا، حقيقتن کان نظرون چورائڻ يا سياسي ڪم علميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي.

ٽرمپ جِي ڪاميابي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ لاءِ به هڪ سٺي خبر سمجھي وڃڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي ”ٽريڪ ريڪارڊ“ موجب تاريخي طور تي ”ريپبلڪن پارٽيءَ“ جي چُونڊيل امريڪي صدرن جا پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا هميشه خوشگوار رهندا آيا آهن. جن جا شاهدَ ايوب، ضياء توڙي مشرف جي مارشل لا وارا دؤر آهن. ڊونلڊ ٽرمپ جي واپسي ۽ پاڪستاني سياست توڙي معيشت تي ان جا پوندڙ مجموعي اثرَ پيچيده ۽ گهڻ رُخا نظر اچن ٿا. تنهن هوندي به اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لحاظ کان ٽرمپ پاڪستان سان واپاري لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪري چُڪو آهي، جنهن سان پاڪستان جِي معيشت کي فائدو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته علائقائي اثر رسُوخ جي واڌاري جي لحاظ کان خطي جي مسئلن جهڙوڪ: افغانستان ۽ ڪشمير تي پاڪستان جو سهڪاري ٿيڻ لاءِ ٽرمپ جو ارادو خطي ۾ پاڪستان جو اثر وڌائي سگهي ٿو. مطلب ته جيئن بائيڊن اڳوڻي وزيرِاعظم جي فون نه ٿي اٽينڊ ڪئي، ايئن موجوده ’پَرڌان منتريءَ‘ سان ٽرمپ هرگز ڪونه ڪندو ۽ اميد ته سندس سڏُ ورنائيندو، ڇاڪاڻ ته امريڪا توڙي ٽرمپ جا اصل لاڳاپا ”اصل طاقتن“ سان استوار هوندا، جيڪي اميد ته ماضيءَ جيان هيلَ به سٺا هوندا. گڏوگڏ ٽرمپ جي اچڻ سان پاڪستان لاءِ ڪي امڪاني خدشا به ٿي سگھن ٿا. مثال طور: دهشت گرديءَ جي مالي مدد تي مسلسل دٻاءَ جي حوالي سان ٽرمپ جي انتظاميه ”فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس“ (FATF) رستي پاڪستان تي دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجھي سگھي ٿي يا ٽرمپ جي غير متوقع طبيعت ۽ کُليا بيان ڏيڻ واري عادت پاڪستان ۽ امريڪا جي لاڳاپن ۾ ڪنهن به وقت غير يقيني صورتحال ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪري سگهي ٿي. مطلب ته پاڪستان تي ٽرمپ جِي واپسيءَ جا اثر مختلف ڳالهين تي منحصر هوندا، جن ۾ سندس انتظاميه جي پاليسين ۽ پاڪستان جي پنهنجي گهرُو توڙي پرڏيهي پاليسين جُون ترجيحُون شامل هونديون.

انهن مڪانِي معاملن کان هٽي ڪري جيڪڏهن عالمي امن جي تناظر ۾ امريڪا جي ايندڙ چار ساله ڪردار جي ڪَٿَ ڪجي ۽ ٽرمپ جي صدارتي مهم جي دؤران سڄي دنيا ۾ جنگ بنديءَ جي دعون کي سنجيده وٺندي وچ اوڀر مان گذريل سال کان اٿندڙ باهه جي اُلن ۽ انسانيت سوزيءَ واري منظرنامي کي ڏسجي، ته به  اسرائيل ــ فلسطين جنگ جي خاتمي ۾ ٽرمپ جو امڪاني مثبت ڪردار اڃا به غير يقيني آهي. اڳوڻي صدارتي دؤر ۾ ته ٽرمپ انتظاميه اسرائيل ــ فلسطين تڪرار تي اهم انداز ۾ اثر انداز ٿي هئي، جنهن ۾ يروشلم کي اسرائيل جِي راڄڌاني تسليم ڪرڻ ۽ فلسطيني پناهگيرن لاءِ امريڪي امداد ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدمَ شامل هئا، پر هيلَ ٽرمپَ جي مهم دؤران ڪيل قولن اقرارن پٽاندر، سندس دل ۾ اسرائيل لاءِ نرم گوشو هئڻ جي باوجُود اها اميد وابسته ڪئي پئي وڃي ته اسرائيل ــ فلسطين جنگ (جنهن جو دائرو هاڻي لبنان ۽ ايران تائين ڦهلجي چڪو آهي) ان جي اٿندڙ باهه تي پاڻي وجھڻ جو ٽرمپ سرڪار پاران ڪو سعيو ٿيندو. جيتوڻيڪ ”پينٽاگون“ ان عمل جي حمايت هرگز نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته امريڪا دنيا جي وڏي هٿيار ساز مارڪيٽ آهي ۽ دنيا جي هر جنگ رستي سندن ڌنڌو هلندو رهندو آهي. ٻئي طرف ويجھڙ ۾ ٽرمپ چوندو رهيو آهي ته هُو ’پيُوٽن‘ (رُوس) توڙي ’شِي جَن پنگ‘ (چين) سان پنهنجا تعلقات بهتر رکندو. امريڪا کي درپيش سخت معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ايئن ڪرڻ کان سواءِ وَٽس ٻيو ڪو چارو به ناهي. پوءِ به سندس رُوس ۽ چين سان ممڪنه طور تي پيچيده ۽ غير مستحڪم تعلقات جي توقع به ڪري سگھجي ٿي. ٽرمپ جِي صدارت هميشه سخت بيان بازيءَ ۽ متضاد ڪمن جي ڪري سُڃاتي ويندي آهي، جنهن ڪري رُوس توڙي چين سان تعلقات جي ڏس ۾ به ايندڙ چئن سالن جِي اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي. عالمي امن جي حق ۾ اهو ئي بهتر آهي ته امريڪا، چين توڙي روس جا لاڳاپا پاڻ ۾ بگڙيل نه هجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.