ڀارتي حُڪومت کي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جو ڪو جواز ناهي!

اها ته هاڻي سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارتي ٽيم جي چيمپئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي پي سي بي به حڪومت سان رابطو ڪري ڀارتي ٽيم جي نه اچڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب پاڪستان جي حڪومت به رد عمل ۾ سخت فيصلو ڪرڻ جو سوچي رهي آهي ته جيڪڏهن ڀارت، پاڪستان ۾ کيڏڻ نه ايندو ته پاڪستان به مستقبل ۾ ڀارت خلاف ڪا ميچ نه کيڏندو. جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان هميشه پنهنجي ٽيم کي ڀارت موڪلي خوشگوار  لاڳا پا قائم ڪرڻ جي اڳڀرائي پئي ڪئي آهي.

حقيقت ۾ ڏسجي ته ڀارتي حڪومت وٽ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان نه موڪلڻ جو ڪو به جواز ناهي. سياسي طور تي ڏسجي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير تي ورهاڱي کان وٺي شديد تڪرار رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگيون به انهيءَ وچ ۾ لڳي چڪيون آهن پر پوءِ به ٻنهي ملڪن جا هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ جا سياسي سفارتي ۽ ثقافتي لاڳا پا ختم نه ٿيا هيا. ٻنهي ملڪن جا سربراهه به هڪ ٻئي جي ملڪن جا دورا ڪندا هيا، سياسي معاهدا به ڪندا هيا، ٻنهي ملڪن جا فنڪار ۽ اداڪار به ايندا ويندا هيا ۽ ٻنهي ملڪن جون راندين جون ٽيمون به هڪ ٻئي جي سرزمين تي کيڏڻ به وينديون هيون. پر جڏهن کان ڀارت ۾ نريندر مودي ڀارت جو وزير اعظم ٿيو آهي تڏهن کان ان خاص ڪري پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي.اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته پاڪستان اندر ڀارت جي راندين جون ٻيون سڀ ٽيمون به اينديون رهيون آهن رڳو ڪرڪيٽ جي ٽيم کي پاڪستان وڃڻ اجازت ناهي.

جڏهن ته ڏسجي ته ڀارت جو ملڪ پاڪستان کان وڌيڪ سيڪيولر ۽ جمهوري ملڪ ڄاتو ويندو آهي پر ڪر ڪيٽ جي معاملي ۾ ان جي پاليسي انتهاپسندي جو شڪار آهي جنهن تي اچرج جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو. ٻئي پاسي پاڪستان حيرت انگيز طور تي ڪرڪيٽ جي معاملي ۾  هميشه کان غير معمولي  لچڪ ڏيکاريندو رهيو آهي. گذريل سال 2023 ۾ ڀارت اندر جيڪو ون ڊي ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ ٿيو هو تنهن ۾ به پاڪستان جي حڪومت وڏي دل جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت موڪليو هو باوجود ان جي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت جي انتهاپسند جماعتن ڌمڪيون به ڏنيون هيون، سيڪيورٽي رسڪ به هو پر پوءِ به پاڪستان جي حڪومت ڪرڪيٽ کي سياست جو بک نه بڻايو هو پر  ڀارت جي حڪومت الائي ڇو ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ ايڏي سخت گيري جو  مظاهرو ڪندي رهي آهي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ ايڏي سخت گير پاليسيءَ  تي ڀارت تي ڪير تنقيد به نه ٿو ڪري. نه ڀارت جي اندر بي جي پي جون مخالف سياسي جماعتون تنقيد ڪن ٿيون ۽ نه ئي مودي سرڪار تي ڪرڪيٽ جي حوالي سان پاليسي نرم ڪرڻ جو دٻاءُ وجهن ٿيون.

پر حيرت آهي ته آءِ سي سي به ڀارت جي ان رويي تي ڀارتي ٽيم خلاف ڪڏهن ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي. هاڻي به پاڪستان ۾ ٿيندڙ  چيمپئنز ٽرافي ۾ نه شرڪت ڪرڻ واري فيصلي جي ڪا مذمت ڪئي آهي يا پڇا ڳڇا ڪئي آهي اڃان به آءِ سي سي جهڙي ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ”ٽپالي“ جو ڪردار ادا ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي صرف ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي ان جو اطلاع ڏنو آهي ۽ بس.

جڏهن ته چيمپئنز ٽرافي وارو ٽورنامينٽ آءِ سي سي جو ئي ٽورنامنيٽ آهي جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ ايندڙ سال پاڪستان کي چيمپئنز ٽرافي جي ميزباني جو وارو مليو آهي ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن ڀارت به وڏي دل جو مظاهرو ڪندي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري ها جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام اندر شاماني  ملهائجي ها خاص ڪري پاڪستان جي نئين نسل کي روبرو پهريون ڀيرو ڀارتي ڪرڪيٽرن خاص ڪري ليجنڊ ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما کي ڏسڻ جو يادگار موقعو ملي ها پر افسوس ته ڀارتي وزير اعظم ٻنهي ملڪن جي عوام کي خوش ٿيڻ جو موقعو نه ڏئي غير جمهوري رويي جو مظاهرو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ٽورنامينٽ ۾ دنيا جون سڀ ٽيمون شريڪ ٿي رهيون آهن ۽ ڪرڪيٽ جي عالمي برادري جي به اها تقاضا هئي نه ڀارت ٻين ٽيمن تي خراب تاثر نه وجهي ها.

هاڻي صورت حال اها آهي ته پاڪستان به سخت رد عمل ڏيکارڻ جو ارادو ظاهر ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو موقف آهي ته ان ماضيءَ ۾ گهڻي ئي لچڪ جو مظاهرو ڪيو آهي پر هاڻي ڳالهه برداشت کان چڙهي وئي آهي. ملڪي عوام جو به خيال آهي ته ڀارت کي به ڪو سبق ملڻ گهرجي تنهن ڪري هن ڀيري پاڪستان جو خيال آهي ته هائبرڊ ماڊل تحت ڀارت کي ڪا سهولت نه ڏني ويندي سڀ ميچون پاڪستان ۾ ئي ٿينديون. رپورٽون آهن ته پاڪستان پهريون آءِ سي سي سان ان معاملي تي رابطو ڪندو ۽ کانئس پڇندو ته ڪهڙي سبب ڀارت پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. پاڪستان ٻين قانوني معاملن کي به ڏسندو ۽ پوءِ ئي آخري فيصلو ڪندو .

هن معاملي ۾ پر آءِ سي سي جو  ڪردار انتهائي مذمت جو ڳو آهي. آءِ سي سي کي پنهنجي قانون ۽ ڊسيپلين تي ڪا سوديبازي نه ڪرڻ گهرجي. دنيا جي ڪا ٽيم جيڪڏهن آءِ سي سي جي قانون ۽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ٿي ڪري ته ان عالمي اداري کي سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پر حيرت آهي ته آءِ سي سي ان معاملي تي ڀارت خلاف ڪا سخت ڪارروائي ڪندي نظر نه ٿي اچي. عام تاثر  به اهو  ئي رهيو آهي ته ڀارت جو پاڪستان جي ڀيٽ ۾ آءِ سي سي ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ  آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو اتي ڀارت جون سڀ ارڏيون هلي ٿيون وڃن پر اصولي طور تي ڏسجي ته ان سان آءِ سي سي جو ادارو  به پاڻ کي ڪمزور طور وائکو  ڪري رهيو آهي. آءِ سي سي کي اصولي فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا به ٽيم سندس قانون ۽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿي تنهن خلاف کيس سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي باقي جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڀارتي حڪومت کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جو ڪو جواز ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.