رياض (ويب ڊيسڪ) پهرئين سنڌي حاجي بشير احمد مڪي پاڪ ۾ بهترين خدمتگار جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري ورتو .
مڪي پاڪ ۾ الحرم جي بهترين صفائي توڙي ٻين ڪمن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي کيس اعزاز ڏنو ويو .
الحرم جي خدمت ڪندڙ ڪمپني جي چيئرمين محمد الوقداني چيو ته بشير احمد کي حرم جي خدمت ڪندڙن جو سپروائيزر ھجڻ تي بھترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آھي، هو پنھنجي ٽيم سان گڏ پاڻ به محنتي آھي .
حاجي بشير احمد پھريون سنڌي آھي، جنھن کي بهترين ڪم ڪرڻ تي سرٽيفيڪٽ ڏنو ويو آھي.
ان موقعي تي حاجي بشير احمد ڪمپني جي چيئرمين محمد الوقداني جا ٿورا مڃيندي کيس سنڌي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.
هن چيو ته مون کي الحرم جي صفائي توڙي ٻين ڪمن جي نگراني ڪري نه رڳو خوشي حاصل ٿي آهي پر روحاني سڪون به ملندو آهي.
You might also like